اڪثريت جي جبر کان نجات جي واٽ: آغا سليم


پنجاب پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو آهي، ان ڪري اسين ان کي وڏو ڀاءُ چوندا آهيون ۽ پنجاب به پاڻ کي وڏو ڀاءُ سمجهندو آهي. وڏي ڀاءُ سان مون کي جارج آرويل جي ناول جو اُڻويهه سئو چوراسي جو ڪردار

Big Brother

ياد پوندو آهي. بگ بردر وچين عمر جو ماڻهو آهي، هر هنڌ حاضر هوندو آهي، سڀ تي هن جي نظر آهي ۽ هو پراوَن کي به پنهنجو ڪرڻ جو هُنر ڄاڻي ٿو. هن کي اجتماعيت ۾ هڪ پارٽيءَ ۽ هڪ پارٽيءَ واري حڪومت واري ملڪ جو ادبي استعارو سمجهيو ويندو آهي، پر جارج ويل پاڻ هُن کي هٽلر ۽ اسٽالن جي علامت چوندو هو. اڄ جي سياسي محاوري ۾ هن کي جبر واري رياست جي علامت چيو ويندو آهي ۽ اسين پاڪستاني پنجاب کي بِگ بردر چوندا آهيون. منهنجي خيال ۾ بگ بردر جمهوري سرشتي ۾ اهڙي اڪثريت آهي، جيڪا ڪنهن اقليتي صوبي يا گروهه تي اڪثريتي جبر

 Tyranny of majority

قائم ڪري. جمهوري سرشتي ۾ اڪثريت جي حڪومت هوندي آهي ۽ ارسطوءَ کان وٺي جديد دور جا نظريا ساز جمهوريت لاءِ ان انديشي جو اظهار ڪندا رهيا آهن ته اڪثريت جي حڪومت ۾ اڪثريت جي جبر

Tyranny of majority

جو امڪان هوندو آهي. ابراهام لنڪن، جنهن جمهوريت جي تشريح ڪئي هئي ته جمهوري حڪومت ماڻهن جي، ماڻهن لاءِ ۽ ماڻهن پاران هوندي آهي… تنهن به چيو هو ته جيڪڏهن اڪثريتي حڪومت، پنهنجي تعداد جي طاقت جي بنياد تي، اقليت کي آئين ۾ مليل ڪنهن به حق کان محروم ڪري ته اهڙي جمهوري حڪومت جي خلاف انقلاب آڻڻ جو اخلاقي جواز آهي. جديد دور جي مشهور نظريه ساز

 Karl Papper

جمهوريت جي، ابرهام لنڪن جيڪا تشريح ڪئي آهي، ان کي رد ڪيو ۽ چيو ته اڪثريتي حڪومت اڪثريتي جبر ۾ بدلجي سگهي ٿي. ان ڪري جمهوريت رڳو عوام جي حاڪميت جو نه پر عوام جي انهن اختيارن جو نالو آهي، جن سان هو اهڙي جمهوري حڪومت کي به هٽائي سگهن، جنهن لاءِ هو سمجهن ته اها ڪرپٽ ۽ نا اهل آهي. اسان وٽ جمهوري حڪومت ۾، پوءِ اها ڀٽي صاحب جي هجي، يا نواز شريف جي، ننڍا صوبا بگ بردر جي جبر جو شڪار ٿيندا آهن ۽ وري جڏهن جمهوري حڪومت تي راتاهو هڻڻ وارا ايندا آهن، تڏهن ته بگ بردر جي نهايت ظالمانه ۽ جابرانه حڪومت قائم ٿي ويندي آهي

دنيا جي جنهن به سڌريل ملڪ ۾ تاريخي، ثقافتي، لساني ۽ نسلي لحاظ کان جدا جدا قوميتون رهن ٿيون، انهن ملڪن، قوميتن جي وجود کي تسليم ڪندي پنهنجي لاءِ اهڙو حڪومتي سرشتو اختيار ڪيو آهي، جنهن ۾ سڀني قوميتن ۾ توازن قائم رهي سگهي ۽ تعداد جي لحاظ کان ننڍي توڙي وڏي قوميت کي ڪنهن به قسم جي محروميءَ جو احساس نه رهي. اهڙو مثال سئٽزرلينڊ آهي، جنهن ۾ 23

 Cantons

(رياستون يا صوبا) آهن ۽ جدا جدا ٻوليون ڳالهائيندڙ ۽ جدا جدا نسلن واريون ٽي قوميتون جرمني، فرينچ ۽ اٽيليئس، رهن ٿيون. اتان جي ليڊرن پنهنجي ملڪ جي قوميتن جي نسلي، لساني ۽ ثقافتي تقاضائن کي مدنظر رکي، اهڙو حڪومتي سرشتو اختيار ڪيو، جو ڏيڍ سئو سال گذرڻ کانپوءِ به اهو سرشتو نهايت ڪاميابيءَ سان هلندو اچي ۽ ڪنهن به قوميت کي، ڪنهن به قسم جي محروميءَ جو احساس ڪونهي. ڪيترن ملڪن ۾ ته جمهوريت کان اڳ ئي، اتان جي غير جمهوري حڪومتن پنهنجي ملڪ جي جدا جدا علائقن ۽ قوميتن جي مفاد خاطر وفاقي نظام اختيار ڪيو هو، جنهن جو وڏو مثال ڪئناڊا ۽ بيلجيم آهن. دنيا جي ملڪن ۾ شايد پاڪستان ئي اهڙو ملڪ آهي، جتي عوام جي امنگن ۽ آرزوئن کي لتاڙي حڪمران ٽولو پنهنجي اقتدار کي قائم رکڻ لاءِ ماڻهن تي حڪومتي سرشتو مڙهيندو آهي

پاڪستان جو شروع کان وٺي مسئلو بگ بردر وارو رهيو آهي. ڏٺو وڃي ته بگ بردر جي ڊپ مان ئي پاڪستان وجود ۾ آيو. گڏيل هندستان ۾ هندو اڪثريت ۾ ۽ مسلمان اقليت ۾ هئا، يعني ته هندو بگ بردر هئا ۽ مسلمانن کي بگ بردر جي جبر جو خوف هو. ايستائين جو سر سيد احمد خان جهڙي روشن خيال ماڻهوءَ به گڏيل هندستان ۾ جمهوري نظام جي مخالفت ڪئي، جو کيس انديشو هو ته جمهوري نظام ۾ مسلمان مستقل اقليت جي ڪري بگ بردر جي مستقل حاڪميت هيٺ رهندا

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ايسٽ پاڪستان بگ بردر ٿي پيو ۽ پاڪستان جيتوڻيڪ اسلام جي نالي ۾ قائم ٿيو هو ۽ ايسٽ پاڪستاني به اسان جا مسلمان ڀائر هئا، پر پنجاب جي قيادت اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه هئي ته پنجابين جهڙي مارشل قوم تي ڪارا، ڪوجها ۽ جسماني طرح هيڻا بنگالي حڪومت ڪن. ان ڪري پنجاب جي قيادت ون يونٽ ٺهرائي

 Parity

جو اصول مڃرايو

ايسٽ پاڪستان جي عليحدگيءَ کانپوءِ پنجاب پاڻ بگ بردر ٿي پيو. پر هاڻي ان بگ بردر جي حاڪميت کان بچاءَ لاءِ سوچڻ جي ڪنهن ضرورت ئي محسوس نه ڪئي ۽ ننڍا صوبا بگ بردر جي جبر جو شڪار ٿيندا رهيا. ڏٺو وڃي ته پاڪستان جو اصل مسئلو آهي ئي ننڍن صوبن کي بگ بردر جي مستقبل جبر کان نجات ڏيارڻ!

جمهوريت ۾ مستقل اڪثريت کان مستقل اقليت ۽ وڏن صوبن کان ننڍن صوبن جي مفادن کي تحفظ ڏيارڻ لاءِ سترهين صديءَ ۾ ئي يورپ جي دانشورن سوچڻ شروع ڪيو هو ۽ واٽ ڏسي هئي. 1604ع  ۾

 Johannes     Althusius

هڪڙي وفاق پرست سياسي نظريه ساز اهڙي جمهوري نظام جو تصور پيش ڪيو، جنهن سان ملڪ هڪ ڪلب وانگر هوندو، جنهن ۾ وڏا توڙي ننڍا صوبا برابريءَ جي بنياد تي ميمبر هوندا. ان جمهوري سرشتي کي هن

 Consociational democracy

جو نالو ڏنو، جنهن جو ترجمو اسين اشتراڪ واري جمهوريت ڪري سگهون ٿا. 1961ع ۾

 David B.Apler

نالي هڪڙي سياسي دانشور

   Althusius

جي ڪتاب

 Politics Methods digsta،

جنهن ۾ هن اشتراڪ واري جمهوريت جو نظريو پيش ڪيو هو. وري نئين سر لکيو ۽ ان جي تشريح ڪندي چيو ته هي هڪ اهڙو جمهوري وفاقي نظام آهي، جنهن ۾ مرڪز جي اقتدار کي ختم ڪري، مقامي طور فيصلا ڪيا ويندا آهن. وفاقي سطح تي اتحاد ۽ علائقائي سطح تي مڪمل خودمختياري هوندي آهي. ملڪ جي اجتماعي مسئلن لاءِ ته سڀني علائقن جا نمائندا گڏجي فيصلا ڪندا آهن، پر علائقائي مسئلن ۽ معاملن جا فيصلا علائقن جا نمائندا، ڪنهن آزاد ۽ خودمختيار ملڪ وانگر ڪندا آهن ۽ وفاق سندن فيصلن ۾ ڪنهن به قسم جي دست اندازي ڪري نه سگهندو آهي. علائقائي نمائندن کي فيصلا ڪرڻ وقت رڳو اهو خيال رکڻو پوندو آهي ته سندن فيصلا ٻين صوبن جي مفادن سان ٽڪراءُ ۾ نه اچن. هن سرشتي جي وڏي خوبي اها آهي ته هن ۾ هر هڪ صوبي کي Veto power هوندو آهي ۽ جيڪڏهن وفاق يا ڪو ٻيو صوبو اهڙي قانونسازي ڪندو آهي، جنهن سان ڪنهن صوبي جا مفاد متاثر ٿيندا آهن ته اهو صوبو ان قانون کي ويٽو ڪري سگهندو آهي. مثال جيڪڏهن پنجاب پنهنجي عددي اڪثريت جي ڪري قومي اسيمبلي مان ڪالاباغ ڊيم ٺهرائڻ جو ٺهراءُ منظور ڪرائي ته سنڌ ان کي ويٽو ڪري سگهي ٿي. هن سرشتي جو بنيادي اصولن

 Proportionality

آهي. وفاق ۾ شامل سڀني صوبن کي سياسي نمائندگي، نوڪريون ۽ فنڊز پوري تناسب سان ملندا آهن، جنهن جي ڪري ڪنهن به صوبي کي محروميءَ جو احساس نه هوندو آهي. جديد دور جي هڪڙي سياسي دانشور Arthur Lewis ان جمهوري نظام کي جدا جدا ٻولين، نسلن ۽ مذهبن واري ملڪ لاءِ مثالي نظام سڏيو آهي. سندس خيال ۾ اهڙي ملڪ ۾ اڪثريت واري جمهوريت کان هيءَ اشتراڪ واري جمهوريت وڌيڪ ڪامياب ٿي آهي ۽ ان اڪثريت واري جمهوريت کي چئلينج ڪري اهڙن ملڪن لاءِ به جمهوريت کي ممڪن بنايو آهي، جن ۾ جمهوريت ممڪن نه هئي. اسان جي ملڪ ۾ به جتي جمهوريت ناممڪن ٿي پئي آهي ۽ اسان جي بگ بردر جي مستقل عددي برتريءَ جي ڪري ننڍن صوبن جي حيثيت بيٺڪيت واري ٿي وئي آهي، اسان جي ليڊرن کي به اشتراڪ واري جمهوريت جهڙي نظام جي باري ۾ سوچڻ گهرجي، جو اهڙي نظام ۾ ئي پاڪستان جي بقا آهي

روزاني ڪاوش جي ٿورن سان

May 20, 2012 at 1:47 am 2 comments

نوان صوبا ۽ ساهه مٺ ۾: نثار کوکر

سنڌ جي ڊفينس ۽ ڪلفٽن وارن علائقن ۾ ستل اقتداري ڀوتارن جا هينگ اوورز اڃان ختم ئي نه ٿيا آهن، تنهن ڪري هو شنل ۽ پوائزن جا پرفيوم هڻي، ڪارا چشما پائي، مهانگين گاڏين ۾ چڙهي جڏهن اسيمبلي پهچن ٿا ته اهو ئي ورد ڪندا رهن ٿا ته، ”آل از ويل ..!“ پر ڪورنگي ڪراچيءَ مان گذري روزانو مزدوريءَ تي ويندڙ سنڌ جا نوجوان ”مهاجر صوبي“ جا رستن تي لڳل وڏا وڏا بل بورڊ ڏسي ارمان ۾ اچي وڃن ٿا ۽ ايس ايم ايس ڪن ٿا

:

”هاءِ سدوري سنڌ“.

هي سنڌ جو اهو نسل آهي، جيڪو ماڻڪ جي ناول جيان سنڌ جو اڃان به هيرو آهي. اهڙو ڊپريسڊ نسل، جنهن جي اڳيان سنڌ ورهائڻ واري باهه ۽ پويان اقتداري ڀوتار وارو جبل بيٺل آهي. جنهن جي اندر کي اهو خوف کائيندو رهي ٿو ته مهاجر صوبي واري جيڪا ٻلي هاڻي ٿيلهيءَ مان ٻاهر نڪري آئي آهي، سا سنڌ جي سدا ملوڪ نقشي کي ضرور رانڀوٽا پائيندي. سنڌ جي ان جوان جماڻ پڙهيل لکيل نسل کي شهرن ۾ آئي اڃا ڏهاڪو سال مس ٿيا آهن. هو مس مس پنهنجا ٺڪاڻا ٺاهي ڪک ڪک ڪري پنهنجا آکيرا شهرن جي  بلاڪس ۾ ٺاهين پيا ته وري کين هڪ خوف ورائيندو پيو وڃي ته وري سندن آشياني تي ڪا کنوڻ ڪڙڪڻ واري آهي. سندن خوف هرو ڀرو بي بنياد به ناهي. هو سنڌ جي اقتداري ڀوتارن جيان اڃا ايترا اکين ٻوٽ نه ٿيا آهن، جو کين سڀاڻي ٿيندڙ قيامت واري اڳواٽ آگاهي نه هجي

هي سنڌين جو شهرن ۾ وسندڙ اڄوڪو اداس نسل سٺ واري ڏهاڪي جي ان نوجوان نسل جو تسلسل آهي، جن ون يونٽ خلاف، ايوبي آمريت خلاف هلچل هلائي. هي ان نسل جو به تسلسل آهي، جنهن ووٽر لسٽون ۽ ريلوي اسٽيشنن جا نالا سنڌيءَ ۾ لکڻ لاءِ تحريڪ هلائي. هي ان نسل جو به تسلسل آهي، جنهن ضيائي مارشل لا جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا ۽ دادوءَ ۾ ٻيو ڪو رستو نه ڏسي گڏهن تي به آمر جا نالا لکي انهن کي شهر ۾ گشت ڪرايو ۽ احتجاج نوٽ ڪرايو. هي نسل ڪڏهن به خاموش نه رهڻ وارو نسل آهي. پر بدقسمتيءَ سان سنڌ جي اڇي ڪاري جا اڄ به اُهي ئي واڳ ڌڻي آهن، جن جي وڏڙن گورن جي نه رڳو سلامي ڀري، پر ڪارن جي به تعبيداري ڪئي ۽ هر ڏاڍ جي اڳيان جهڪندا رهن ٿا. هي اسيمبلي ايوانن اندر جيڪي ڀوتار سنڌ جي نياڻين کان معافيون پيا طلب ڪن ۽ کين تڪڙ ۾ پنهنجا استحقاق ٿا ياد پون، پر ٻئي طرف سندن حالت اها آهي ته، جڏهن سندن ناراض پر با اعتماد اتحادين اچي کين هٿ مان جهليو ۽ اسيمبلي جي ڪارروائي هلڻ نه ڏني. جڏهن انهن ڀوتارن کي ڌارين جا اڇلايل فائيل پئي منهن ۾ لڳا، تڏهن ڪمال منهن پڪائيءَ سان مفاهمتي مرڪ مرڪي رهيا هئا پر جڏهن سنڌ جي هڪ نياڻي اچي سندن پنهنجا نوازيءَ تي اعتراض واريو ته هو هوش هواس وڃائي مڇرجي پيا. سنڌ جو اقتدار صدين سالن جيان اڄ به وڏيرن ۽ ڀوتارن جي هٿ وس آهي. تنهن ڪري سنڌ جي اداس نسل جا خدشا اڃا به وڌي وڃن ٿا، ڇو ته سندن سامهون مهاجر صوبي جو مطالبو هاڻي هڪ منظم طريقي ۽ مستقل مزاجيءَ سان ڪيو وڃي ٿو. ڪورنگي ۽ ٻين علائقن ۾ مهاجر صوبي جي نقشي ظاهر ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر تائين ان صوبي جي حمايت ۾ وال چاڪنگ ڪرڻ، پمفليٽ ورهائڻ ۽ ڪراچي اندر وڏا وڏا اشتهاري بل بورڊ هڻڻ ان مهم جو حصو آهن

سنڌ اندر نئين صوبي جي مطالبي کي عالمي ادارن تائين کڻي وڃڻ خاطر ايم ڪيو ايم جي اڌ درجن اڳوڻن وزيرن ۽ مشيرن گذريل ڇنڇر ڏينهن نيويارڪ جي جيڪسن هائٽس واري علائقي ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته سنڌ اندر ڪراچي ڊويزن، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن تي مشتمل هڪ نئون ”جنوبي صوبو“ ٺاهيو وڃي، ان جو نالو ڪراچي صوبو يا مهاجر صوبو ڀلي نه رکو پر سنڌ اندر ٻه انتظامي يونٽ ضرور ٺاهيو. ايم ڪيو ايم جي مرڪزي قيادت ۽ سندن سربراهه الطاف حسين اڃا تائين اهو واضح نه ڪيو آهي ته نيويارڪ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندڙن جي مطالبي کي سندن جماعت جي حمايت حاصل آهي يا انهن پنهنجي انفرادي حيثيت ۾ اهڙي مطالبي واري پريس ڪانفرنس ڪئي آهي. ايم ڪيو ايم تمام جديد بنيادن تي قائم ڪيل تنظيم آهي، جيڪا هڪ ڪلاڪ ته ڇڏيو، هڪ منٽ اندر ڪنهن به معاملي تي پنهنجو موقف ظاهر ڪندي آهي. پر ان پريس ڪانفرنس کي ڏينهن گذرڻ کانپوءِ به ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين سندس جماعت جي اهم اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس  بابت خاموش آهي، ته سنڌي ڇا سمجهن؟

سنڌ جي اقتداري ڀوتارن ۽  حڪمران جماعت پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي ڇا ڳالهه ڪجي، جيڪي رات وچ ۾ اتحادين جي راضپي خاطر هڪ ڀيرو اهڙو نوٽيفڪيشن ڪڍي به چڪا پر سنڌي ماڻهن جي شديد احتجاج سبب کين اهو نوٽيفڪيشن جلدي دفن ڪرڻو پيو. مفاهمتي سياست جي سرواڻ بابت چون ٿا ته جڏهن سنڌ جي انتظامي بنيادن تي اهڙي ورهاست ٿي رهي هئي ته هن نوابشاهه ضلعي کي ڪراچيءَ واري پاسي ڪرڻ جي سفارش  ڪئي هئي، ته جيئن هو ٻهراڙي واري سنڌ بجاءِ شهري سنڌ ۾ هجي. هاڻي جڏهن مهاجر صوبي جي حمايت ۾ ايم ڪيو ايم جا هاڻوڪا ۽ اڳوڻا اڳواڻ سرگرم ٿيا آهن، تڏهن سنڌ جي  اقتداري ڀوتارن جو رويو اهڙو ئي آهي، جهڙو ورهاڱي وقت اصلوڪن سنڌين کي لڏائڻ ۾ پير علي محمد شاهه راشدي جو هو. جيئن ڪراچي بندر کان هن لڏ پلاڻ ڪندڙ هندن کي آگبوٽن ۾ چاڙهي سگار جا سوٽا پئي هنيا، تيئن اڄوڪا اسيمبلي ۾ ويٺل اڪثر ڀوتار سنڌين کي جاهل سڏي کين شهرن مان لڏائڻ ۾ اتحادين سان هم خيال بڻيل آهن. ”ڀلا جي اهڙو ڪو صوبو سنڌ اندر ٺهي به ويو ته ڇا ٿي پوندو؟ توهانکي ڪنهن پاسپورٽ جي ضرورت ٿورو ئي پوندي. اجايو ماڻهن کي نه ڊيڄاريو ۽ نه کين مشتعل ڪريو“. هڪ اقتداري وزير تازو ڪراچيءَ ۾ سنڌي صحافين کي سهڻي صلاح ڏني. سنڌ جا ڪجهه اقتداري ڀوتار ان مهم جا ايم ڪيو ايم قيادت جيان خاموش حمايتي بڻيل آهن ۽ ڪجهه وري ان جي مخالفت ڪري ايندڙ چونڊن لاءِ سنڌين جي جيءَ ۾ جايون جوڙڻ جي ڪوشش پيا ڪن

سنڌ اندر نئين صوبي جي ڳالهه ڪندڙن جو وات هميشه لاءِ بند ڪرڻ خاطر سنڌ اسيمبلي منجهان هڪ قرار داد منظور ڪرائڻ حڪمران پيپلز پارٽيءَ جو فرض ۽ سنڌي ووٽرن جو قرض بڻجي ٿو. ان قرار داد ذريعي سنڌ جي انتظامي ورهاست مستقبل ۾ به ناقابل قبول بڻائي وڃي. سنڌ جون اقتداري مالڪ جماعتون پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ڀلي ته مفاهمتي رستي تي هلي هڪ ٻئي لاءِ ڪيترا به نرم گوشا پيدا ڪن ۽ سنڌ جون قومپرست جماعتون اسلام آبادي ايوانن ۾ ڪا سيٽ هٿ ڪرڻ لاءِ هٿوراڙيون هڻن پر انهن سڀني کان زوراور آواز سنڌ جي شعور ۽ نوجوانن جو آهي. سنڌ جي نوجوانن کي اهڙي ڄاڻ ضرور هجي ته ڌرتيءَ جي دنگ تي ڪا جنگاڻ يا ڪو وڏو ممڻ مچڻ وارو آهي، تنهن ڪري پنهنجي خاموشي ٽوڙيو

بقول ڪنهن شاعر جي ته

:

ڪو خاموشين ۾ ساهه وجهون، جيئن روپا ماڙي لوڪ تڪي

ڪو دودو ڀڙڪي دانهن ڪري، هن رڻ پٽ کي ڪا جاڳ اچي

بدبخت اگهاڙين راتين ۾، زنجير ٽٽڻ جي ڳالهه هلي

ڪي ديوارن ۾ ڏار وجهون، مهڪار انهن جي ڳالهه هلي

ڪو خاموشين ۾ ساهه وجهون

….. روزاني ڪاوش جي ٿورن سان

نثار کوکر

May 16, 2012 at 3:31 am 1 comment

جلسا، جلوس، ڌرڻا! سنڌ جا ڏک ڏولاوا ڪيئن ختم ٿيندا؟

جيئي سنڌ قومي محاذ 13 مئي تي هڪ ٻئي ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي. سٺو آهي. انهن کي حق آهي ته پنهنجي مطالبن لاءِ جدوجهد ڪن. انهن جي حمايت به ڪرڻ کپي

پر ڇا توهان اهو محسوس نٿا ڪريو ته اهي ڌرڻا، جلسا، جلوس به چڱي ڳالھ آهن پر اهو ڪو ٻيو ڪم (اُو ڪو ٻيو فهم!) آهي جنهن سان سنڌ جا ڏک ۽ ڏولاوا ختم ٿي سگهن ٿا؟

اهو ڪم ڇا آهي؟

توهان اهو ڏٺو هوندو ته جڏهن به، جنهن به سنڌ جي نالي تي ماڻهن کي گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو آهي ته عام ماڻهن اهو سڏ ورنايو به آهي

منهنجي خيال ۾ سنڌ جي سڄڻن ۽ سڀني سگهارين سياسي توڙي سماجي قوتن کي هاڻي اهڙي حڪمت عملي جوڙڻ کپي ته جيئن ماڻهن جي ان سڄي حمايت ۽ ساٿ کي هڪ وڏي طاقت ۾ تبديل ڪري سگهجي ۽ ان جو اظهار ملڪ توڙي صوبي جي هر ايوان تائين ڪري سگهجي. جيسين ماڻهن جو حقيقي آواز، طاقت جي سرچشمن ايوانن تائين نه پهچندو تيسيتائين سنڌي هڪ هاريل راند کيڏندا رهندا

May 13, 2012 at 6:26 pm 1 comment

سنڌ ۽ پاڪستان: عزيز ناريجو

سنڌ ۽ پاڪستان

ظلم ۽ ناانصافين جو هڪ ڊگهو داستان

لکندي، ڪُڙهندي هڪ عرصو ٿيو

هاڻي ته لفظ به کائڻ ٿا اچن

نه ٿا هو مونکي وڻن، نٿو آءُ انهن کي وڻان

لکڻ کان به ڪرڀ ٿي اچي

پر خاموشي ته ان کان به وڌيڪ ڀيانڪ آ

May 8, 2012 at 5:14 pm Leave a comment

پنجاب جي سڄي پاڪستان تي حڪومت، سنڌ ۽ بلوچستان موجوده حڪومت ۾ به نظر انداز، هر جڳھ پنجابي عملدار مقرر

موجوده جمهوري حڪومت به سنڌ ۽ بلوچستان مان محروميءَ جو احساس ختم ڪرڻ ۽ ٻنهي صوبن سان انصاف ڪرڻ بدران ناانصافين جا اڳيان رڪارڊ به ٽوڙي چڏيا آهن. اهڙن قدمن سان ٻنهي صوبن ۾ وفاق مان ڪنهن به اميد جا امڪان ختم ٿي ويا آهن. بلوچستان ته پنهنجي آزاديءِ جي جدوجهد شروع ڪري ڇڏي آهي. سنڌ ۾ به گهڻا ماڻهو ساڳي راه اختيار ڪرڻ جي حق ۾ ٿيندا پيا وڃن

تازين ناانصافين جي هڪ مثال طور، جنگ اخبار جي هڪ رپورٽ موجب

حڪومت 49 وفاقي سيڪريٽرين مان 43 پنجاب مان مقرر ڪيا آهن

چئني صوبن جا چيف سيڪريٽري پنجاب مان مقرر ڪيا ويا آهن

گلگت بلتستان جو چيف سيڪريٽري ۽ اسلام آباد جو چيف ڪمشنر به پنجاب مان مقرر ڪيو ويو آهي

حڪومت مختلف کاتن جا سربراه ۽ اعلي عملدار به پنجاب مان مقرر ڪري رهي آهي

اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۽ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ ۾ به اعلي عملدار پنجاب مان مقرر ڪيا ويا آهن

اهڙي طرح، انويسٽيگيشن بيورو، فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي، نيشنل پولس فائونڊيشن، نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي، موٽرويز، نادرا ۽ ڪيترن ئي ٻين ادارن ۾ به عملدار پنجاب مان مقرر ڪيا ويا آهن

فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جا ست ڊئريڪٽر به پنجاب مان آهن

انکان علاوه، جسقم جي اڳواڻ بشير قريشيءَ 23 مارچ تي ڪراچيءَ ۾ هڪ وڏي جلسي ۾ چيو هو ته سنڌ ملڪ ۾ 69 سيڪڙو گيس ۽ 75 سيڪڙو تيل جي پيداوار ڏئي ٿي جڏهن ته آئل ۽ گيس ڊولپمينٽ ڪارپوريشن لميٽيد جي 13 ڊئريڪٽرن مان هڪ به سنڌي ناهي جڏهن ته 12 جنرل مينيجرن مان به هڪ به سنڌي ناهي

اهو آهي پاڪستان ۾ سنڌ ۽ بلوچستان سان انصاف! وري چون ٿا ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ محروميءَ جو احساس چو آهي ۽ اتي ماڻهو پاڪستان کان نفرت ڇو ٿا ڪن؟ ڇا هو واقعي اهڙا اڻڄاڻ آهن؟

March 26, 2012 at 5:29 am Leave a comment

پاڪستان جو وزير اعظم ڪٿان جو هجڻ کپي

پاڪستان جو وزير اعظم هميشه پنجاب مان هجڻ کپي. ڇو؟ ڇو جو وزير اعظم پنجاب مان هوندو ته پاڪستاني فوج ڪڏهن به ان کي قتل نه ڪندي

March 11, 2012 at 6:53 am Leave a comment

ذوالفقار آباد ۽ 20هون ترميمي بل: ٻه شيطاني سازشون

ذوالفقار آباد شهر اڏڻ جي رٿا ۽ 20هون ترميمي بل، ٻه انتهائي خطرناڪ ۽ شيطاني سازشون آهن جن جو سنڌ جي آئيندي تي موتمار اثر پوندو. انهن سازشن تي عمل کانپوءِ سنڌ اها به نه رهندي جيڪا هاڻي نالي ماتر وڃي بچي آهي. سنڌ جي ماڻهن کي انهن ٻن نهايت خطرناڪ سازشن جو مڪمل احساس ڪرڻ کپي ۽ انهن جي خلاف ڀرپور تحريڪ هلائي انهن کي ناڪام بنائڻ کپي 
جيڪي به قوتون انهن ٻنهي سازشن خلاف تحريڪ ۾ شامل هجن انهن جي ڀرپور حمايت ڪرڻ کپي
ساڳئي وقت جيڪي قوتون انهن ٻنهي سازشن جي حمايت ڪن ٿيون انهن جي سخت مخالفت ڪرڻ کپي
اها هن پيڙهيءَ جي تمام وڏي ذميداري آهي

January 30, 2012 at 4:22 am 1 comment

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم کي تالا!!! آخر ڪيسيتائين؟

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم کي تالا!!! آخر ڪيسيتائين؟ حڪومت، استاد ۽ شاگرد آخر ڪڏهن تعليم جي تقديس ۽ اهميت جو احساس ڪندا؟ ڇا انهن کي اها خبر ناهي ته تعليم جي هڪ گهڙي ۽ هڪ پل وڃائڻ به ڪيڏو نه هاڃيڪار آهي؟ هتي ته اچي مهينو ڀريو آهي. خدارا ڪجھ ته خيال ڌريو

حڪومت پنهنجين ذميدارين ۾ ڪوتاهي نه ڪري ۽ استادن ۽ شاگردن جي مسئلن کان ڪن لاٽار بند ڪري. شاگردن کي کپي ته پنهنجي شاگرد ڀائرن ۽ استادن کي قتل ڪرڻ يا ڌمڪائڻ بدران رواداري کان ڪم وٺن ۽ تعليم کان نه گُسائين، پاڻ استادن کي مجبور ڪن ته هو هر پيريڊ وٺن ۽ دلجوئي سان پڙهائين

استادن کي کپي ته فرض کان غفلت نه ڪن، پنهنجي اهليت ۽ لياقت وڌائين ۽ شاگردن کي اهڙي تعليم ڏين جيڪا پاڪستان جي ڪنهن به سٺي تعليمي اداري ۾ ميسر آهي. هنن کي کپي ته پنهنجن مطالبن مڃرائڻ لاءِ تعليم کي تالن هڻڻ بدران ڪو ٻيو طريقو اختيار ڪن ته سڀ ماڻهو سندن ساٿ ڏين

رڳو ان تي ئي ويچار ڪريو ته تعليم کي تالن هڻڻ سان نقصان ڪنهنجو ٿي رهيو آهي ۽ اهو اسان پاڻ ڪري رهيا آهيون يا ڪو ٻيو؟

اهو به ذهن ۾ رکو ته پاڪستان ۾ سڀ يونيورسٽيون کليل آهن سواءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي

January 29, 2012 at 7:52 am Leave a comment

ويهون آئيني ترميمي بل، پ پ پ ۽ سنڌي ماڻهو

سنڌي ماڻهو آخر ڪيسيتائين وهٽ ۽ ڍور، ڍڳي وانگر پ پ پ جي در تي ٻڌل رهندا؟ سنڌ جي ماڻهن کي نيٺ ته پنهنجن حقن لاءِ به سوچڻو پوندو. پنجاب وٽ مسلم ليگ جي شڪل ۾ هڪ قومپرست پارٽي آهي. پختونن وٽ عوامي نيشنل پارٽي قومپرست پارٽي آهي. بلوچن وٽ به پنهنجيون قومپرست پارٽيون آهن جيڪي ايوانن کانوٺي جبلن تائين پنهنجن حقن لاءِ وڙهن پيون. پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڪي ننڌڻڪا آهن ته صرف سنڌي آهن. نه ڪو ايوانن ۾ سڄڻ اٿن ۽ نه ئي ٻي ڪنهن جاءِ تي ڪو اثرائتو آواز اٿن. آخر ڪيسيتائين؟ هاڻي ته لٽجڻ لاءِ گهڻو بچيو به ناهي. وڃي ڀت سان لڳا آهيون

سنڌ جي ماڻهن کي نيٺ ته ڪا حد مقرر ڪرڻي پوندي. ڇا اها حد ذوالفقار آباد ۽ 20هون ترميمي بل ٿي سگهن ٿا؟ جيڪڏهن پ پ پ ذوالفقار آباد جي رٿا تان هٿ نٿي کڻي ۽ 20هين ترميمي بل جي خلاف واضح موقف نٿي رکي ته ڇا سنڌي گڏجي اهو اعلان ڪري سگهن ٿا ته اُهي ايندڙ چونڊن ۾ پ پ پ کي ووٽ نه ڏيندا؟ بلڪل نه. ڪنهن به حالت ۾ نه

دوستو، هر ڳالھ جي ڪا حد هوندي آهي. غلاميءَ جي به ڪا ته حد هجڻ کپي

January 29, 2012 at 7:23 am Leave a comment

دبئي ۾ اڄڪلھ پس پرده ڇا پيو ٿئي؟ ڇا ڪو نئون ”دبئي پلان“ پيو ٺهي يا ايندڙ چونڊن ۾ حصي وٺڻ ۽ ان کانپوءِ ٺهندڙ حڪومت ۾ حصيداريءَ جا معاملا پيا نبيرجن؟ پاڪستاني سياستدانن جون دبئي ۾ وڌندڙ سگرميون

اڄڪلھ جي دبئيءَ، ڪالهوڪي لنڊن جي جڳھ والاري ورتي آهي. اڳي پاڪستاني سياستدانَ، پاڪستان متعلق معاملن تي ويچار ڪرڻ ۽ ايندڙ وقت لاءِ پاليسين جوڙڻ لاءِ لنڊن ۾ وڃي گڏ ٿيندا هئا. هاڻي هو ستن ڪلاڪن جي سفر بدران ڏيڍ ڪلاڪ جي پنڌ تي دبئي ۾ ساڳيو ڪم پيا ڪن. پ پ پ ۽ مشرف جي وچ ۾ ڳجھي ”ڊيل“ به سن 2007 ۾ دبئي ۾ ٿي هئي. ان کانپوءِ ۽ ان کان اڳ ٻيون به ڪيئي سياسي ملاقاتون ۽ ”ڏي وٺ“ جا معاملا دبئي ۾ طي ٿي چڪا آهن

هڪ خبر اها به آئي آهي ته پاڪستان ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ٺيڪي کڻڻ واري نئين ”پاڪدامن“ سياستدان، عمران خان، جيڪو پاڻ کي ”اميريڪا مخالف“ به سڏائي ٿو، ان ۽ سندس جماعت ۾ تازو شامل ٿيل لوٽي، شاه محمود قريشيءَ، دبئي ۾ 29 نومبر تي اميريڪا جي فوجي جنرل ڊيوڊ پيٽرياس سان هڪ ڳجھي گڏجاڻي ڪئي آهي. اها گڏجاڻي 5 ڪلاڪ جاري رهي. اها گڏجاڻي ٿي يا نه ۽ جي ٿي ته ان ۾ ڇا ڳالھيون ٿيون، ڪنهن کي ڪا خبر ناهي

اميريڪي جنرل، ڊيوڊ پيٽرياس

هن وقت صدر زرداري به دبئي ۾ آهي. ڪجھ ويجها صلاحڪار به گڏ اٿس. اڳوڻو فوجي آمر مشرف به دبئي ۾ آهي يا ڪجھ وقت اڳي تائين اتي هو. اميريڪا جي رياست ٽيڪسس جي هڪ ننڍي شهر پيرس جو ميئر، ڊاڪٽر ارجمند هاشمي، جيڪو مشرف جو حمايتي ۽ جماعتي آهي، اهو به دبئي ويو آهي. ٻڌڻ ۾ آيو ته هو به زرداريءَ جي ڊاڪٽرن جي ٽيم ۾ شامل ٿيندو. ارجمند هاشمي مشرف کان علاوه عمران خان جو به دوست آهي. مشرف ۽ عمران خان هن کي ميزبانيءَ جو شرف ڌيندا رهيا آهن

ٽيڪسس جي هڪ ننڍي شهر جو ميئر ڊاڪٽر ارجمند هاشمي

انکان علاوه ٻين سياسي ماڻهن ۽ ٻين ملڪن جي نمائندن جي به دبئي ۾ اچ وڃ آهي. انهن سڀني ڳالھين جي ڪري سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر اڄڪلھ دبئي ۾ ٿئي ڇا پيو؟ ڇا پاڪستاني ماڻهن لاءِ ڪو نئون ڳٽ تيار پيو ٿئي؟ ڇا ايندڙ حڪومت ۾ عمران خان ۽ مشرف جي شامل ٿيڻ جا معاملا طي پيا ڪيا وڃن؟

December 15, 2011 at 5:09 am Leave a comment

Older Posts


Categories

  • Blogroll

  • Feeds


    Follow

    Get every new post delivered to your Inbox.

    Join 211 other followers