سنڌ ۾ متبادل ڪٿي آهي؟

اها حقيقت سمجهڻ کپي ته گزريل ڪيترن سالن کان سنڌ تي يا ته غير جمهوري قوتون حڪومت ڪنديون رهيون آهن يا پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ايم قيو ايم. سنڌ جي تباهي ۽ موجوده بدترين صورتحال جون گهڻي ڀاڱي اِهي ٽي ڌُريون ذميدار آهن. فيصلا جيسيتائين انهن ٽنهي ڌرين جي هٿ ۾ رهندا ته ڪنهن به بهتريءَ جو امڪان ناهي. انهن ٽنهي ڌُرين جي اصل قوت مدي خارج وڏيرا شاهي، پير پرستي، ڪرپشن، اقربا نوازي ۽ دهشت گردي آهن. تبديليءَ لاءِ انهن بنيادن کي ڪيرائڻو يا ڪمزور ڪرڻو پوندو

Advertisements

Continue Reading مَي 30, 2017 at 7:22 am پنهنجو رايو ڏيو

نئين سياسي جماعت: ڪيئن، ڇو ۽ ڇا لاءِ

عزيز ناريجو

موجوده سياسي جماعتن کان بجا طور تي مايوس ٿي ڪجھ دوست صلاحون ڏين ٿا ته هاڻي هڪ نئين جماعت ٺاهڻ کپي. انهن دوستن کي عرض آهي ته ان ڳالھ تي ڌيرج سان غور ڪن ته

 هڪ: برطانيه راڄ هيٺ، هندستان ۾ امپيريل ليجسليٽو ڪائونسل لاءِ 1920 ۾ ٿيل چونڊن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين گڏيل هندستان ۽ ان کانپوءِ ننڍي کنڊ جي آزاد ٿيل ملڪن ۾ جيڪي به چونڊون ٿيون آهن، اُهي ڪهڙي قسم جي اميدوارن ۽ سياسي جماعتن کٽيون آهن؟

 ٻه: اِن سڄي عرصي ۾ جيڪي سياسي جماعتون ٺهيون آهن، اُهي ڪيئين ٺهيون آهن ۽ انهن جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ ۽ ڪامياب ۽ ناڪام ٿيڻ لاءِ ڪهڙا عنصر ذميدار آهن؟

ٽي: هڪ ڪامياب سياسي جماعت لاءِ ڪهڙن محرڪن جي ضرورت آهي؟ ڪامياب سياسي جماعت جون گهڻيون تشريحون ٿي سگهن ٿيون. هتي اها مراد ٿا وٺون ته جنهن جماعت چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هجي ۽ حڪومت ۾ آئي هجي

 چار: حاضر دور جي حالتن کي نظر ۾ رکي جيڪڏهن ڪا نئين جماعت ٺهي ٿي پر ايتري مقبوليت حاصل نٿي ڪري سگهي جو اقتدار ۾ اچي ته اُها گهٽ ۾ گهٽ حڪومتي پاليسين تي ڪهڙي نموني اثر انداز ٿي سگهي ٿي؟ ان لاءِ ڇا جي ضرورت آهي؟

 پنج: جيڪڏهن اهو سڀ ڪجھ نٿو ٿي سگهي ته پوءِ حڪمت عملي ڇا هجڻ کپي؟

اپريل 27, 2017 at 3:16 am پنهنجو رايو ڏيو

Republicanism & Trumpism: Aziz Narejo

4/13/17

If Taliban were in USA, they would behave exactly as Republicans do!

……………………………………………..

4/13/17

A ‘Mother of All Bombs’ today! Many more to come under Trump & jingoist Republicans’ rule. Brace up world! That’s what happens when you send a Republican retard to the White House!

…………………………………………………………………

4/13/17

Republicanism, “Trumpism” & “Stupism” Rule the Roost in USA These Days!

اپريل 14, 2017 at 7:57 am پنهنجو رايو ڏيو

پ پ پ، ايم قيو ايم ۽ سنڌ جو مستقبل: عزيز ناريجو

اپريل 11 کان اپريل 13

…………………………………………………………………………………………………………………………………………………..

4/13/17

پ پ پ، ايم قيو ايم ۽ سنڌ جو مستقبل: هڪ طرف ماڻهو پ پ پ جهڙي ڪرپٽ، نااهل ۽ بدعنوان پارٽيءَ کي چهٽل آهن ته ٻئي طرف ڪجھ ماڻهو ايم قيو ايم جهڙي دهشت گرد، متعصب، نااهل ۽ ڪرپٽ ٽولي مان هٿ نه ٿا ڪڍن. انهن ٻنهي پارٽين جي هوندي سنڌ جي ته ڪا بهتري ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي

………………………………………………………………………………………………………………………………………………….

چونڊون ۽ تبديلي
سنڌ جي تقدير ڪيئن بدلبي؟

هڪ گنڀير غلط فهمي: ايندڙ چونڊن ۾ پ پ پ ۽ ايم قيو ايم کي شڪست ڏيڻ ۽ قوم پرستن يا مسلم ليگين کي چونڊڻ سان سنڌ جي تقدير بدلجي ويندي.

ڇا اهو صحيح آهي؟

نه، بلڪل غلط!

جيڪڏهن ماڻهن جي ساڳي صورتحال رهي ته پ پ پ ۽ ايم قيو کانپوءِ ايندڙ جماعتون ان کان به بد تر ثابت ٿينديون.

پوءِ ڀلا سنڌ جي تقدير ڪيئن بدلبي؟

سنڌ جي تقدير صرف ۽ صرف ماڻهن جي سجاڳيءَ سان بدلبي. جڏهن اڳين (سابقه) حڪمرانن جو احتساب ٿيو ۽ انهن کي چونڊن ۾ سخت شڪست ملي ته ايندڙ حڪومت کي به خبر پوندي ته هاڻي ماڻهو سجاڳ آهن ۽ صحيح ڪم نه ڪيوسين ته اسانکي به اڇلائي ٻاهر ڦٽو ڪري ڇڏيندا.

ماڻهن جي سجاڳيءَ جي شروعات اڳين (سابقه) حڪمرانن جي احتساب ڪرڻ ۽ سمورن ڪرپٽ، نااهل ۽ بدعنوان سياستدانن کي بدترين شڪست ڏيڻ سان ٿيڻ کپي. ان کانپوءِ ايندڙ حڪمرانن تي لڳاتار ڪَڙي نظر رکڻ کپي.

ڪو به ڪرپٽ، بدعنوان، ويساھ گهاتي ڪندڙ، دهشتگرد، ڏوهاري ۽ نااهل اميدوار وري ڪڏهن به نه چونڊجي.

سجاڳ ٿيو ۽ پوءِ ڏسو ته ڪيئن ٿي تبديلي اچي!

 

……………………………………………………………………………………………………………………………………………………….

 

#Sindh can not prosper as long as major sections of its population are at war with each other. They have to find a common ground & a meeting point. Otherwise both will suffer. Even more than they already have.

 

……………………………………………………………………………………………………………………………………………………..

لِٽمس ٽيسٽ

اها پَرک ڪيئن ڪجي ته سنڌ ڪيتري ترقي ڪئي آهي ۽ سڄيءَ دنيا ۾ ڪهڙي هنڌ ۽ ڪهڙي دور ۾ بيٺل آهي؟

هڪ سولو طريقو:

جڏهن توهان ڏسو ته سنڌ ۾ پير پرستي ۽ وڏيرا شاهي ختم ٿي وئي آهي، معاشري ۾ هاري مُجيريءَ جو فرق ۽ ڪا اونچ نيچ ناهي ۽ سنڌي تعليم کي اهميت ڏين لڳا آهن ته ائين سمجهو ته سنڌ نيٺ جديد دور ۾ داخل ٿي وئي آهي …. مبارڪون!

پر جيڪڏهن اهو ڏسو ته سنڌ ۾ اڃا پيري مريدي قائم آهي، ماڻهو وڏيرا شاهي ۽ هاري مُجيريءَ جي چڪر ۽ ننڍ وڏائيءَ جي اوڙاھ ۾ ڦاٿل آهن ۽ هر هنڌ تعليم بجاءِ جهالت ڇانيل آهي، ته ان وقت تائين ائين سمجهو ته سنڌ اڃا غلاميءَ ۽ ڪنهن اڳين صديءَ جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل آهي ۽ سنڌي ماڻهن جي ذهن، سماج ۽ معاشري ڪا خاص ترقي نه ڪئي آهي.

 

No automatic alt text available.

پاکستان میں وقت کے ساتھ علم کی روشنی تو نهيں، البتہ جہالت کا اندھيرا ضرور بڑھ رہا ہے۔ گهپ اندهيرا۔

……………………………………………………………………………………………………………………………………………

علم، ڄاڻ ۽ سائنس کان عار! جهالت جي رسمن ۽ روايتن تي ناز! هڪ افسوسناڪ رويو!

………………………………………………………………………………………………………………………………………………..

April 12, 2017 at 12:50pm · On the use of foul language in discussions & criticism:

اديبن ۽ دانشورن جي ٻولي ته اديبانه ۽ دانشورانه هجڻ کپي نه؟ جنهن مان علم ۽ دانش بَکي!

 

……………………………………………………………………………………………………………………………………………….

ڪرپشن ضرور ٻين جاين تي به هوندي پر اسانکي ته پنهنجي گهر جو فڪر آ! ڪيئن جان ڇڏايون؟

………………………………………………………………………………………………………………………………………………..

ڇا سنڌ هاڻي اِهو عهد ڪندي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪرپٽ مافيا ۽ دهشتگردن کي ووٽ نه ڏبو؟

……………………………………………………………………………………………………………………………………………

ڇا سنڌ جي ماڻهن ۾ سهل پسندي، ڪاهلي، ڪرپشن ۽ مايوسي گهر ڪري ويون آهن؟ ڪو علاج؟ تدارڪ؟

………………………………………………………………………………………………………………………………………………

4/13/17

منهنجي خيال ۾ اسانجي مايوس ڪُن حالتن جو هڪ سبب اهو به آهي ته اسان وٽ هن وقت متحرڪ، سمجهدار، بي لوث ۽ اڻٿڪ جدوجهد ڪرڻ وارا سياسي ڪارڪن ناهن جيڪي ماڻهن جي صحيح رُخ ۾ اڳواڻي ڪري سگهن. اهڙا ڪارڪن ڪيئن پيدا ڪجن؟

جيڪڏهن سنڌ ۾ واقعي ڪي دانشور آهن ته انهن کي اِن ڳالھ تي سوچڻ کپي.

 

…………………………………………………………………………………………………………………………………………….

 4/13/17
 نهڪاريت، نراجيت ۽ مايوسيءَ جو ٽوڙ اُميد، اُمنگ، اُتساه، علم، ڄاڻ ۽ عمل ۾ آهي

………………………………………………………………………………………………………………………………………….

4/13/17

سنڌ ۾ نهڪاري ۽ نراجيت کي ڪيئن مات ڏجي ۽ سياست جو پاسو ڪيئن پلٽجي؟

زنده قومون مشڪل حالتن مان نڪرڻ لاءِ رستا ڪڍنديون آهن. اسان ائين ڇو نه ٿا ڪري سگهون؟

اميريڪا ۾ اڄڪلھ ٽرمپ جي خلاف Indivisible جي نالي سان هڪ وڏيءَ تحريڪ جنم ورتو آهي. منهنجي خيال ۾ سنڌ جي سياسي ڪارڪنن ۽ ذهنن کي اِن تحريڪ جو ضرور اڀياس ڪرڻ کپي.

 

Join the national movement to resist the Trump agenda. Learn the best ways to make Congress listen from former congressional staff. Together, we will win.
indivisibleguide.com

………………………………………………………………………………………………………………………………………………………

“موت ڪارو اداس حبشي آ” …

ٻين ڪيترين خرابين جيان نسل پرستي به هند – سنڌ ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي رت ۾ وسيل آهي – صدين کان!

…………………………………………………………………………………………………………………………………………………

A religious teacher at a madrsa in a village near Badin, Sindh, raped & killed this little girl. Pl call for justice for her.

This is barbaric. So tragic. Etro be-hiss samaaj! Afsos, sad afsos.

Image may contain: 1 person
…………………………………………………………………………………………………………………………………………………..

Call it power politics, opportunist politics or unprincipled politics. Look at these two photos. They tell you about a mindset devoid of any principles or decency.

In one photo (daily Kawish, 27 Oct 2007), former Sindh CM Arbab Rahim uses abusive & obscene language about Benazir Bhutto who had just survived a major attack on her convoy on 18th October, 2007.

In the other photo (daily Kawish), Arbab talks of women in a recent corner meeting during his current election campaign saying they (women) should be restricted to their homes, they are adornment (zeenat?) for men & their honor, that he doesn’t favor women as rulers & wherever women are allowed in public it results in children born out of wedlock!

That photo also shows senior PPP leader, Khurshid Shah visiting the foul-mouthed & self-proclaimed pious & religious man, Arbab Rahim, seeking his help (an arrangement/alliance) in the elections!!!

What you think of it?

 

No automatic alt text available.
No automatic alt text available.
………………………………………………………………………………………………………………………………………………………..

جڏهن پارٽيون به ذاتي جاگير بنجي وڃن! سنڌ جي سينيٽ جون اهم سيٽون ڪينئن ٿا ورهائن ۽ جمهوريت جو مذاق اڏائي، ماڻهن جو جمهوريت ۽ سياست مان اعتماد ختم ڪن؟ پهريان شوڪت عزيز، فاروق نائڪ، وري جاويد لغاري ۽ ان کان هٿ کڻائي حفيظ شيخ! هاڻي وري زرداريءَ جو علاج ڪندڙ ۽ اسپتال ۾ رهڻ دوران هر طرح جو خيال رکندڙ ڊاڪٽر عاصم! دوست نوازيءَ جي آهي ڪا حد؟ هيءَ پيپلز پارٽي آهي يا زرداري پارٽي؟

Image may contain: one or more people
…………………………………………………………………………………………………………………………………………………….

IH report: Bahrain Puts Pakistan on Front
Burner: II; Pakistan Army Contingent Secretly Moved To Bahrain to
‘Restore Peace’ & Protect Bahraini, Saudi & US interests

Bahrain Puts Pakistan on Front Burner: II; Pakistan Army Contingent Secretly Moved To Bahrain to ‘Restore Peace’ & Protect Bahraini, Saudi & US interests.

http://indusherald.blogspot.com/2011/04/bahrain-puts-pakistan-on-front-burner.html

 

………………………………………………………………………………………………………………………………………………………….

For the first time, a middle class WOMAN challenges powerful Arbabs of Thar (ex-CM Arbab Rahim) & PPP (Sher Mohammad Bilalani) from one of the most backward constituencies in the country. All The best Hajiani Lanjo! GO, WIN!

http://jang.com.pk/jang/apr2013-daily/12-04-2013/u142837.htm

Image may contain: 1 person

 

 ……………………………………………………………………………………………………………………………………………………………

4/13/17

Republicanism, “Trumpism” & “Stupism” Rule the Roost in USA These Days!

………………………………………………………………………………………………………………………………………………….

4/13/17

A ‘Mother of All Bombs’ today! Many more to come under Trump & jingoist Republicans’ rule. Brace up world! That’s what happens when you send a Republican retard to the White House!

…………………………………………………………………………………………………………………………………………………

4/13/17

If Taliban were in USA, they would behave exactly as Republicans do!

………………………………………………………………………………………………………………………………………………..

4/13/17

#PPP, #MQM & #Sindh‘s Dilemma: One group of people can’t get rid of the corrupt, inefficient & incompetent PPP. The other group can’t reject the terrorist, corrupt, ‘muta’ssib’, incompetent & inefficient MQM. With these two parties at the helm, one doesn’t see any future for #Sindh.

a reply to a comment:

Aziz Narejo: The answer is in the awareness & the activism of the people. We have to learn how democracy works. Once people become aware & active & ask for accountability, we will start seeing definite change. Also new & positive forces will emerge as the hegemony of these two monstrous parties fades away.

 

Aziz Narejo
Aziz Narejo: It is not only ‘one time’ activism or awareness. It is a continuous process. People have to be vigilant & fight for what is right.

اپريل 14, 2017 at 7:50 am پنهنجو رايو ڏيو

حسني مبارڪ جي هار، عرب ملڪن ۽ ايران لاء پيغام

تحرير: عزيز ناريجو

مصر جو آمر حسني مبارڪ نيٺ عوام جي هٿان هار کائي ويو۔ ارڙهن ڏينهن جي انقلابي تحريڪ جي نتيجي ۾ 82 سالن جي حسني مبارڪ جمعي جي شام 11 فيبروري، 2011 تي پنهنجي 30 سالن جي اقتدار تان هٿ کنيو۔ اهو ڏينهن هاڻي مصر لاء هميشه هڪ تاريخي ڏينهن جو درجو رکندو۔ مصر جي اڳوڻي صدر انوار سادات 1975 ۾ حسني مبارڪ کي نائب صدر مقرر ڪيو هو۔ 1981 ۾ انوار سادات جي قتل کانپوء مبارڪ مصر جو صدر جو عهدو سنڀالي ورتو

حُسني مبارڪ

ويڪيپيڊيا مطابق حسني مبارڪ هڪ اڳوڻي حڪمران محمد علي پاشا کانپوء سڀ کان گهڻو وقت اقتدار ۾ رهيو۔ سياست ۾ اچڻ کان اڳ، مبارڪ هوائي فوج جو سربراه هو

مصر جي نائب صدر عمر سليمان جينئن ئي مبارڪ جي اقتدار کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو، قاهره جي تحرير چوڪ ۾ گڏ ٿيل لکين ماڻهن جو هجوم جهومي اٿيو۔ سڄي مصر جي ماڻهن ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي۔ ماڻهن کي اهو احساس ٿيو ته هو نيٺ کٽي ويا آهن ۽ هڪ آمر هار کائي ويو آهي.

 

12 فيبروري، 2011

اپريل 11, 2017 at 11:07 pm پنهنجو رايو ڏيو

ڪالاباغ ڊيم خلاف هڪ موقف: عزيز ناريجو

پلڊاٽ هن وقت ڪالاباغ ڊيم جو مسئلو ڇو اُٿاري رهيو آهي؟

تعارفي نوٽ: ڪامران شفيع

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪالاباغ ڊيم جي رٿا ملڪ لاء انتهائي نقصانڪار آهي۔ ان جو هڪ سبب ته اهو آهي ته ملڪ جي چئن وفاقي اِڪاين مان ٽن ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي

مونکي مردان، نوشهره ۽ چارسده علائقي جي چڱيء طرح ڄاڻ آهي ۽ اها خبر اٿم ته ڪالاباغ ڊيم کانسواءِ ئي ان علائقي ۾ پاڻي روڊ کان رڳو ٽي فٽ هيٺ بيٺو هوندو آهي ۽ ان جي ڪري سِم جو اڳيئي هڪ وڏو مسئلو موجود آهي

مونکي اميد آهي ته سمجهداريء کان ڪم ورتو ويندو ۽ اڳ ۾ ئي ڪمزور ٿيل وفاق کي وڌيڪ نقصان نه پهچايو ويندو

اسانکي ان سوال جو جواب به وٺڻو پوندو ته هڪ اهڙو ادارو جنهنجو مقصد “ملڪ ۾ جمهوريت ۽ جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻ آهي” اهو ڪالاباغ ڊيم جهڙو تڪراري مسئلو وري ڇو اُڀاري رهيو آهي؟ جڏهن ته اِن کي ملڪ جو ٽي ڀاڱي چار حصو رد ڪري چڪو آهي

هيءُ پهريون ڀيرو ناهي جو پلڊاٽ اهڙي قسم جي ڳالھ ڪئي آهي۔ اُن ڪجھ مهينا اڳ پارليامينٽ جي ميمبرن جي دولت جي باري ۾ اهڙي وقت هڪ رپورٽ جاري ڪئي هئي جڏهن اهي افواه گرم هئا ته ملڪ جي طاقتور ڌر (اسٽيبلشمينٽ) جمهوري حڪومت خلاف ڪاروائي ڪرڻ واري آهي۔ ان رپورٽ جي خاص ڳالھ اها هئي ته ان ۾ڪا نئين تحقيقات نه هئي پر چونڊن واري ڪميشن جا پراڻا انگ اکر ٻيهر ڇاپيا ويا هئا۔ اِن رپورٽ جو اُن وقت جي صورتحال سان به ڪو واسطو به نه هئو

جيڪڏهن پلڊاٽ واقعي ڪا قومي خدمت ڪرڻ پئي چاهي ته پوء ان رپورٽ ۾ گڏوگڏ ايئر مارشلن، ايڊمرلن، جنرلن ۽ وڏن ڪامورن جي دولت جا تفصيل به ڇاپي ها

ڪالاباغ ڊيم خلاف هڪ موقف

تحرير: عزيز ناريجو

ڪراچي ۾ تازو هڪ غير سرڪاري  تنظيم  پلڊاٽ جي انتظام هيٺ  هڪ مذاڪرو ٿيو جنهن ۾  هڪ ڀيرو وري ڪالاباغ ڊيم وارو معاملو اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي . ارسا جي چيئرمين (جيڪو پنجاب سان واسطو رکي ٿو) مذاڪري ۾ ڪالاباغ جي مخالفن خلاف هڪ هتڪ آميز بيان ڏنو ۽ ان ڳالھ تي زور ڀريو ته ڪالاباغ ڊيم ضرور تعمير ڪيو وڃي۔ هن جي بيان خيبر پختونخوا ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ سخت ڪاوڙ پيدا ڪئي آهي ۽ هو اهو سوال پڇي رهيا آهن ته ٻنهي صوبن جي سخت مخالفت جي باوجود ارسا چيئرمين سميت ڪجھ ڌريون هن ڊيم جي اڏاوت تي ڇو ضد تي بيٺل آهن؟

اِن ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪالاباغ ڊيم ملڪ جي پاڻيءَ جي رٿائن مان هڪ انتهائي تڪراري معاملو آهي۔ جيڪڏهن اِن تي ضد برقرار رکيو ويو ته اهو ملڪ لاءِ تمام خطرناڪ ثابت ٿيندو ۽ عوام کي ورهائي، هڪٻئي جي سامهون آڻي بيهاريندو۔ اهو ڊيم هڪ مستقل تڪرار جو باعث پڻ بڻجندو

آءٌ پڙهندڙن کي گذارش ڪندس ته هيٺ ڏنل نقطن تي غور ڪن ۽ پوءِ اهو فيصلو ڪن ته ڪالاباغ ڊيم يا ڪو ٻيو وڏو ڊيم ٺهڻ کپي يا نه؟

1. سنڌوندي تي ڪنهن به وڏي ڊيم يا پاڻي جي ذخيري تعمير ڪرڻ لاءِ  پاڻي موجود ڪونهي. گذريل ڪجھ سالن دوران ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ رهي آهي ايتري قدر جو موجوده ڊيم به ذخيري واري صلاحيت مطابق نه ڀرجي سگھيا آهن.  سنڌونديء تي ڊيم ٺاهڻ سبب دريا جي پڇڙيء وارن علاقن کي پيچ لاءِ پاڻي نه ملي سگھيو ۽ انهن کي گھڻو نقصان رسيو. هاڻي  ان کان وڌيڪ نقصان سهڻ جي صلاحيت نه رهي آهي. پاڻي ۽ بجليء بابت مقرر ڪيل ٽيڪنيڪل ڪميٽيء جو سربراه ۽ ملڪ ۾ پاڻيء جو ماهر، انجينئر اي اين جي عباسي پنهنجي نوٽ ۾ اها ڳالھ پوريء طرح ثابت ڪري چڪو آهي

2. وفاق جي ٽن صوبائي اسيمبلين ٺهراءَ منظور ڪري ڪالاباغ ڊيم کي  يڪسر رد ڪيو آهي

3. انڊس رور سسٽم اٿارٽي، ارسا،  22 آڪٽوبر 1996 تي انهن بنيادن تي ڪالاباغ ڊيم رٿا کي رد ڪيو ته ا. ته ڊيم جلد ۽ تيزي سان واري سان لٽجي ويندو ب. ان جي زندگي تمام گھٽ يعني 22 کان 30 سال اهي، ٻ. ان جي ڪارڪردگي سٺي ڪانهي، ڀ. ان جي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ٻين جي ڀيٽ ۾ گھٽ آهي

4. ڊيم جي گھٽ زندگي ۽ بجلي پيدا ڪرڻ جي گھٽ صلاحيت جي ڪري ملڪي خزاني کي وڏو نقصان رسندو. اقتصادي طور تي اها رٿا عمل جوڳي ۽ فائديمند ڪانهي

5. ڊيم جي ڪري ماڻهن جي وڏي تعداد کي لڏ پلاڻ ڪرڻي پوندي ۽ سرحد ۽ پنجاب صوبن ۾ زرخيز زمين پاڻي هيٺ اچي ويندي. مردان، صوابي، چارسده، پبي، نوشهره، ڍوڊا، خارماتو ۽ ٻين علاقن ۾ سم جي ڪري وڏي ايراضي  پوک لائق نه رهندي. ان سان پشاور ماٿري ۾ به زمين جي کاڌ ٿيندي ۽ ڪرڪ ۽ لڪي ضلعن ۾ مٺو پاڻي متاثر ٿيندو

6. ان کانسواءِ سنڌو، سوان، ڪابل ۽ توئي ندين جي ٻنهي ڪپن تي هيٺاهن علاقن ۾ رهندڙ ڪيترن ماڻهن کي اتان ڪڍڻو پوندو ۽ انهن کي نوان گھر ڏيڻا پوندا ۽ سندن ٻيهر آبادڪاري لاءِ زمينون ڏيڻيون پونديون. اهڙا ماڻهون لکن جي تعداد ۾ آهن ۽ انهن تي تمام گھڻو خرچ ايندو

7. ان سان ڪابل ندي تي پاڻيءَ جو پوئتي دٻاءُ پوندو جنهن جي ڪري وڌيڪ زمين سم جو شڪار ٿي ويندي

8. نوشيره جيڪو سرحد جو هڪ چڱو وڏو شهر آهي تنهن لاءِ ٻڏڻ يا سم جو نشانو بنجڻ جو خطرو وڌي ويندو جو اهو ڪالاباغ ڊيم جي پاڻي واري ذخيري کان 24 فوٽ هيٺاهينءَ تي هوندو

9. سوان نديءَ تي اٽڪ تله گنگ روڊ،  سنڌوءَ تي ڪوهاٽ راولپنڊي روڊ ۽ پشاور راولپنڊي روڊ سميت ڪيترا روڊ ۽ پلون ۽ ريلوي جي پٽڙيءَ جو ڪجھ حصو ۽ بنيادي جوڙجڪ جون ٻيون سهوليتون ڪالاباغ ڊيم جي ڪري پاڻي هيٺ اچي وينديون

10. پشاور راولپنڊي ۽ راولپنڊي  ڪوهاٽ جي وچ ۾ سوئي گيس جي لائين به ڊيم جي پاڻي هيٺ اچي ويندي

11. مردان ۽ صوابي جي اسڪارپ وارين رٿائن کي نقصان رسندو

12. غازي بروٿا رٿا  تي پاڻي جي امڪاني واپس اٿل جو اثر پوندو

13. ڊيم ۾ ( پاڻي جي ذخيري ۽ رٿيل آبپاشي وارن واهن) لاءِ  19 ڏهائي پنج ملين ايڪڙ فوٽ پاڻيءَ جي ضرورت پوندي. ان سان ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ پاڻيءَ جي فراهمي تي وڌيڪ اثر پوندو. تازو آيل ڪجھ بيانن ۾ چيو ويو آهي ته ڊيم جي ڊيزائين ۾ تبديل ڪئي ويندي ۽ واه نه اڏيا ويندا پر سنڌ ۾ ڪو به اها ڳاله مڃڻ لاءِ تيار ڪونهي جو واپڊا ۽ وفاقي حڪومتن طرفان اهڙا واعدا نه پاڙڻ جو وڏو تاريخي رڪارڊ موجود آهي

14. جيڪڏنهن ڊيم تعمير ڪيو ويو ته مستقبل ۾ ڪوٽڙيءَ کان لهواري طرف پاڻي اڻ لڀ هوندو ان جي ڪري دريا جي سمنڊ ۾ ڇوڙ لاءِ ڊيلٽا واري علاقي ۽ ڪچي وارن علاقن ۾ زمينون تباه ٿي وينديون ۽ سمنڊ جي کاڌ جي ڪري سنڌ جي معيشت کي ساليانو اربين روپين جو نقصان ٿيندو

15. اهو ڊيم جيئين تي زلزلي جي خطري واري علاقي ۾ هوندو ان ڪري ڪنهن به  امڪني زلزلي جي ڪري وڏي تباهي اچي سگھي ٿي. کيوڙا جي لوڻ وارين کاڻين جي ويجھو هجڻ جي ڪري خطري جي سنگيني  اڃان به وڌي وڃي ٿي

16. ٻين نقصانڪار اثرن ۾ ماحول تي خراب اثر، ماحولياتي سرشتو متاثر ٿيڻ، حياتيات، پکين ۽ جانورن جي رهڻي ڪهڻي،  ڍنڍون ۽ ويٽ لينڊس جو ختم ٿيڻ سوڪ وڌڻ ۽ زمين جي رڻ ۾ تبيل ٿيڻ شامل آهن. ان کانسواءِ دريا جي لهوارن علاقن ۾ غربت وڌڻ، ڳوٺن کان شهرن ڏي لڏپلاڻ ۾ واڌارو،  پيڻ جي پاڻي وارا مسئلا وڌڻ،  سنڌو دريا جي سرشتي تي سنڌ جي پاڻي واري حصي ۾ لاڳيتي ۽ غير قانوني ناجائز ڪمي شامل آهن

17. سنڌ کي لاڳيتو بليڪ ميل ڪري سگھبو جو پاڻي جي وهڪرن جو ڪنٽرول مٿاهين طرف هوندو

ڇا اهو مناسب نه ٿيندو ته ڪالاباغ ڊيم ۽  ٻين وڏن ڊيمن وارين رٿائن کي ترڪ ڪيو وڃي ۽ انهن جي بدران ٻين  بهتر متبادل رٿائن تي غور ڪيو وڃي

سڄي دنيا جي ماڻهن کي اها عام گذارش آهي ته پاڪستان جي حڪومت تي  زور ڀرين ته اها پنهنجون  نسل ڪشيءَ واريون پاليسيون  ترڪ ڪري.

 

26 فيبروري، 2011

اپريل 11, 2017 at 11:05 pm پنهنجو رايو ڏيو

اهم سوال هيءُ آهي ته اڄ ”يوم پاڪستان“ ڪهڙي بنياد تي ملهايو پيو وڃي؟ محمد ابراهيم جويو

جناب محمد ابراهيم جويي جو اڄ اربعا 23 مارچ، 2011 تي انڊس هيرلڊ کي موڪليل مضمون

سر  سيد احمد خان، مغل راڄ جو نور نظر، روايتي ملوڪيت پسند، ڌارئي برطانوي راڄ  جو ترت ئي پڪو وفادار بڻجي پيو. هو پنهنجي نون آقائن مان فائدي وٺڻ خاطر  هندستان ۾ مسلمانن جي علحدگيءَ جو نظريو کڻي نروار ٿيو. 1882ع ۾ لڌيانا،  پنجاب ۾ نوجوان شاگردن کي خطاب ڪندي تبليغي لهجي ۾ چيائين: ”ياد  رکو ته ڪا قوم حقيقي معنيٰ ۾ قوم ناهي ته اها ڪجهه به ڪانهي. اسلام جي دائري ۾ ماڻهن جي شامل ٿيڻ سان ئي مسلم قوم جڙي ٿي. جيستائين اهي پنهنجي  پياري مذهب جي راهه تي هلن ٿا، تيستائين اهي هڪ قوم آهن. ياد رکو ته اوهان  کي جيئڻو مرڻو اسلام ۾ آهي ۽ رڳو اسلام جي سربلنديءَ سان ئي چئي سگهون ٿا  ته اسان جي قوم واقعي هڪ قوم آهي. پيارا ٻارو، جيڪڏهن ڪو آسمان جو تارو ٿي  پوي پر اسلام تي هلڻ ڇڏي ڏئي، ته پوءِ اُهو اسان جي ڪنهن ڪم جو ڪونهي. ائين  هو اسان جي قوم جو فرد به نه ٿو رهي. اسلام جي سربلنديءَ جو مطلب ئي آهي  قومي ڀلائي!“ 1

يارهن سالن کان پوءِ 1893ع ۾ هن لکيو: ”ڪانگريس  جون تجويزون (خود-حڪمرانيءَ جي حق ۾) ڪنهن اهڙي ملڪ لاءِ جتي ٻه مختلف قومون آباد هجن بلڪل نامناسب آهن. هاڻ فرض ڪريو ته انگريز هندستان مان هليا  ٿا وڃن…. ته پوءِ هندستان جو حڪمران ڪير ٿيندو؟ ڇا اهو ممڪن آهي ته  اهڙين حالتن ۾ ٻه قومون- مسلمان ۽ هندو- هڪڙي ئي تخت تي چڙهي ويهن ۽  اختيارن ۾ برابر هجن! يقينن نه. ضروري آهي ته اُنهن مان هڪڙي قوم ٻيءَ کي  زير ڪري مٿس فتح حاصل ڪري. ٻنهي جي برابريءَ جي اُميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي

سر سيد احمد خان کي هن ڳالهه  جو ڪوئي احساس ڪونه هو ته جيڪڏهن مذهبن جا سڀ پيروڪار انهيءَ ئي طريقي سان  اڄ پاڻ کي قوم سمجهي ۽ سڏائي هلن، ته دنيا ۾ ڪهڙي قسم جو عالمي معاشرو وجود  ۾ ايندو ۽ رهندو

ٻارهن سالن کان پوءِ، 1906ع ۾، عالي جناب سر سلطان محمد شاهه آغا خان، هڪ ٻيو ڄڻو ملوڪيت جو پيدائشي  وفادار، حڪومتِ وقت جو طرفدار بڻجي پيو. والا شان لارڊ منٽو جي سڏ تي  تقريبن 32 چونڊ مسلم وفادارن جو وفد گڏ ڪيائين، جن ۾ شهزادا، ملڪ، نواب، سردار، جاگيردار ۽ زميندار هئا، تن کي وٺي سِملا ۾ وٽس ويو، ۽ اتي اڳ ۾ ئي  تيار ٿيل عرضداشت پڙهي ٻڌايائين، جنهن ۾ مسلمانن لاءِ الڳ ووٽ جي سرشتي جي  گهر هئي، انهيءَ وقت ڌاري، لارڊ ڪرزن تحت بنگال جي علائقائي تقسيم ناڪام ٿي  چڪي هئي، جيڪا هندستان تي سامراجي گرفت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪيل هئي. ضروري  ٿي پيو هو ته هندستان ۾ مسلمانن ۽ هندن جي وچ ۾ هڪ پائيدار ويڇو هجي، ته  جيئن سياسي اختيارن جي شطرنج جي بساطَ حڪومت وقت جي ئي هٿ وس رهي ۽ مسلمانن  ۽ هندن جي سياستَ برطانوي حڪمرانن جي مرضيءَ مطابق رهي. جناب سر آغا خان  پنهنجي عرضداشت جي اختتام ۾ جناب وائسراءِ سان هنن عاجزيءَ ۽ شڪر گذاريءَ  وارن لفظن سان مخاطب ٿيو: ”هن عرضداشت ۾ ظاهر ڪيل  هندستان جي معاملن ۾ اڳڀرائيءَ لاءِ اوهين هن مرحلي تي مسلم راڄ جي مدد  ڪري. انهن جي پُختيءَ وفاداريءَ جا بنياد مضبوط ڪندا ۽ هنن جي سياسي  اڳڀرائي ۽ قومي خوشحاليءَ جو بنياد وجهندا ۽ اوهان جو نالو هنن جي ايندڙ نسلن تائين شڪر گذاريءَ سان ياد ڪيو ويندو، ۽ اسان کي اميد آهي ته اوهين  نوازش
فرمائي اسان جي التجائن ڏانهن جوڳو ڌيان ڏيندا

….“

برطانوي  انڊيا جي وائسراءِ صاحب، بلاشبه سمورن تڪلفات ۽ کوڙ ساريءَ نوازش سان وفد جي التجا منظور ڪئي، جيئن ائين ڪرڻ لاءِ هو اڳ ۾ ئي تيار ويٺو هو، ڇو ته  عرضداشت جي تياري ۽ منجهس ميڙون منٿون ۽ گهُرون هن جي پنهنجي پسند ۽ عين  اُمنگن پٽاندر ئي هيون. 3

پنجاب جو ڊاڪٽر سر محمد  اقبال، برطانوي سلطنت جي مسلم جانبازن مان ٽيون ڄڻو، جيڪو هندستان ۾  مسلمانن جي مٿئين طبقي جي معزز شخصيت هو، هڪ جڙتو جدت پسند، فهم پسند گهڻگهري شخص کان وڌ مُلپائيءَ ڏانهن مائل، سياسي حلقن ۾ پنهنجي هڪ خطبي ۽  ”خواب“ ڪري اڄ به گهڻو ڄاتو وڃي ٿو، جيڪو هن 1930ع ۾ الله آباد ۾ آل انڊيا  مسلم ليگ جي هڪڙي اڻپوري ڪورم آڏو پڙهي ٻڌايو هو. هن پنهنجي ان طويل ۽  نهايت ئي جذباتي خطبي ۾ اسلام کي هن انداز ۾ پيش ڪيو هو ته اسلام ”هڪ  اخلاقي آئيڊيل، هڪ يقيني قسم جي جڙيل رياست، هڪ اهڙو سماج جيڪو پنهنجي  نمايان انساني ربط ۽ باطني ايڪتا سان هو… انساني روش جو هڪ سرشتو… هڪ  اهڙي تقدير جيڪا ڪڏهن ڪانه جهُرندي… حڪومت سان ٽڪراءُ کائيندڙ دين نه پر  هڪ اهڙي رياست جيڪا تعميري تنظيم ۽ قانوني سرشتي سان هلندڙَ جنهن ۾ مخصوص  اسلامي روح ڪاربند هو، جنهن انساني ايڪي کي روح ۽ مادي جي
دوئيءَ ۾ ٻه ٽڪر  نه ٿي ڪيو:… (سچ پچ ته اِنهن ڳالهين سان هو عالم اسلام جو هڪڙو مارٽن لوٿر پئي لڳو)… منجهس يعني اسلام ۾ قرون وسطيٰ واري ڪليسا ڪانه هئي، جنهن تباهي آڻيندڙ مارٽن لوٿر کي ڪوٺ ڏني هئي. اسلام ۾ مادو ئي روح آهي، جيڪو  زمان ۽ مڪان ۾ موجود آهي…. اهو هندستان جي مسلمانن جي زندگيءَ ۾ مکيه  تشڪيل ڏيندڙ عنصر ٿي رهيو آهي…. شايد هندستان ئي دنيا ۾ اهو واحد ملڪ آهي  جتي اسلام جي بهترين ترويج ٿي آهي.“ (!!)….4

اسلام  جي هن سڄي ساري وڻندڙ پيشڪش سان ڊاڪٽر سر محمد اقبال ”هندو- مسلم“ مسئلي  جي حل لاءِ تجويزن جو سيٽ کڻي ظاهر ٿيو، جنهن کي هن ”هندستان جو سياسي  مسئلو“ ٿي سڏيو- ۽ اهو حل ئي سندس ”وڏو خواب“ ڄاتو وڃي ٿو: هن چيو ته  ”يورپي جمهوريت جو اُصول، هندستان ۾ هندستان جي قومي ڌڙن کي تسليم ڪئي بغير  لاڳو نه ٿو ڪري سگهجي…. هندستان اندر مسلمانن لاءِ مسلم انڊيا جي تخليق  وارو مسلمانن جو مطالبو بلڪل صحيح آهي…. ذاتي طرح، آءٌ پنجاب، سرحد، سنڌ ۽  بلوچستان کي هڪڙيءَ رياست جي صورت ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو. منهنجي گهُر آهي ته  اسلام ۽ انڊيا جي بهتر حق ۾ اها مسلم رياست تشڪيل ڏني وڃي

انڊيا  ۾ ان تشڪيل مان مراد آهي اندروني اختيارن جي توازن جي نتيجي ۾ برآمد ٿيل امن ۽ سلامتي…. علاوه ازين، هندستان جي اُتر اولهه وارا مسلمان هندستان  لاءِ بيروني حملي يا جارحيت لاءِ بهترين بچاءُ ڪندڙ ثابت ٿيندا، پوءِ اهو  حملو ڀلي اُتر- اولهه ]سوويت يونين[ طرفان نظرياتي حملو هجي يا هٿياربند  حملو هجي… اڄ به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هندستان جي فوج ۾ 62 سيڪڙو پنجاب جا  مسلمان شامل آهن

….

ان مُلڪي تشڪيل منجهان مراد  آهي 1- اسلام کي ان الزام کان به آجو ڪرڻ جيڪو عرب سامراج جي ڪري ان تي  لڳايل آهي، ۽ 2- اسلام جي قانونن، تعليم ۽ ثقافت کي تحرڪ ۾ آڻڻ ۽ اُنهن کي  جديد دؤر جي تقاضائن سان قريب تر ڪرڻ…. هندستان جي انيڪ آبهوائن، نسلن،  زبانن، تاريخ، مذهب ۽ معاشي مفادن جي پيش نظر، رڳو هڪڙو ئي رستو آهي ته هندستان ۾ اِهو هڪ مستحڪم آئيني جوڙجڪ قائم ڪجي.“(5)ڪيڏي  نه استاديءَ واري سندس هيءَ ڳالهه هئي! اِن ۾ سچ پچ ته گروهي مفاد واريءَ  هڪ بهترين ڳلٿيبازيءَ جو وڏو حصو پنهنجي مقصد جي حصول تائين پڌرو نظر اچي  ٿو، خصوصاً ان جو منڍ ۽ پڇاڙي خاص طور واهه واهه ڪرائڻ لاءِ لاجواب ئي نظر  آيو!

چوٿين شخصيت سنڌ ڄاول محمد علي جناح جي هئي،  جيڪو ڀڙڪو ڏيئي اُڀريو ۽ خود چونڊيل يڪ رخي واٽ واريءَ سياست تي ڇانئجي  ويو. مٿس سر آغا خان جي مذهب جو ٺپو برابر لڳل هو، پر بذات خود ڪنهن به  فرقي سان تعلق ڪونه ٿي رکيائين، بيروني تعليم يافته، حليو انگريز جينٽلمين  وارو، شروع ۾ تقريبن مذهب کان لاتعلق، سرمائيدار جمهوريت پسند، جداگانه ووٽ  جي سرشتي تحت مقننه جي سيٽن تي چونڊبو رهيو، پر اُن سرشتي جي خلاف هن هڪ  لفظ به نه ڳالهايو…. مختصراً ائين کڻي چئجي ته هو قانون دان هجڻ جي حيثيت  ۾ پنهنجي ڪيس لاءِ مستقل مقابلو ڪندڙ هو…. انڊين نئشنل ڪانگريس ڇڏي، ۽  پوءِ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ پوريءَ سنجيدگيءَ سان 1930ع جي وچ ڌاري شموليت  اختيار ڪيائين ۽ آخر تائين ان جي صدارت ماڻيندو رهيو

سياست  کي ”اقتدار جي ويڙهه“ ۽ نه ڪنهن ”انصاف يا انصاف پسنديءَ لاءِ جدوجهد“ سان تعبير ڪندي (حوالو: سندس صدارتي خطبو، آڪٽوبر 1937ع، لکنؤ)، هُن نيٺ سر  سيد احمد خان جي مسلمانن جي علحدگيءَ واري فارمولي ۽ بعد ۾ ڊاڪٽر سر محمد  اقبال جي ٻڌايل نقشي کي اختيار ڪري ورتو،-”پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جو  اِلحاق.“ اڳتي هلي انهيءَ ۾ اضافو ڪيو ويو ته جيئن ”برصغير ۾ مسلمانن جي ٻن  وڏن علائقن“ وارو خيال واضح ٿئي- هڪڙو علائقو اهو جيڪو ڊاڪٽر اقبال ٻڌايو ۽  ان سان ”اُتر اولهه انڊيا جي سرزمين ڪشمير، ۽ ٻيو علائقو بنگال صوبو بشمول  اُتر اوڀر ۾ واقع آسام جو سلهٽ ضلعو“ جيڪو بنگالي ڳالهائيندڙن تي مشتمل  هو

هندستان ۾ هي مسلم اقتدار جو تصور قومن جي  حيثيت ۾ جن مان هرهڪ کي بذات خود جدا هڪ وجود هو- يعني پنجابي، ڪشميري،  پختون، بلوچي، سنڌي ۽ بنگالي- تن سڀني کي ملائي فقط مذهب جي بنياد تي هڪڙي  قوم سڏيو ويو- يعني ”مسلم يا پاڪستاني قوم“، جا بلڪل هڪ نئين ڳالهه هئي. آل  انڊيا مسلم ليگ پاڻ ئي مارچ 1940ع واري لاهور رزوليوشن ۾، جنهن کي قرارداد  پاڪستان به سڏجي ٿو، انهن مان هرهڪ قوم لاءِ وفاقي رياستن جي صورت ۾ حاڪميت ۽ خود مختياريءَ جو درجو تسليم ڪيو هو- هڪڙي وفاقي رياست  اُتر  اولهه ۾ ۽ هڪ ٻي خود مختيار رياست هندستان جي اُتر اوڀر ۾. غير مسلم ماڻهن  کي ورهاڱي کان پوءِ هندستان جي انهن ٻنهي حصن مان هجرت ڪرڻي ڪانه هئي، نه  وري باقي هندستان ۾ رهندڙ مسلمانن کي پنهنجا پراڻا ڪک ڇڏڻا هئا. اهو سڀ  ڪجهه قرارداد پاڪستان ۾ متفقه طور واضح ڪيو ويو هو

حاڪميت  ۽ خود مختياري قومن جو بنيادي حق آهي، ۽ ان جو قومن سان واعدو پڻ ڪيو ويندو آهي: قومن جي مساوات جو اصول، آدمشماريءَ ۽ ايراضيءَ جي ڳالهه کان  قطع نظر، اهو حق ماڻڻ لاءِ قوم جي سڃاڻپ جو بنيادي شرط آهي. برطانوي  پارليامينٽ بذات خود، ڪيترن ئي مرحلن تي، هندستان ۾ بشمول سنڌ، صوبن جي  قومي حق کي تسليم ڪيو هو ته هو عام راءِ وسيلي پنهنجي آئيندي جو فيصلو ڪري ۽  ڪهڙي به هڪڙي وفاقي اتحاد سان وڃي ملن.“(6) خود  مختياريءَ ۽ حاڪميت جي صاف ۽ سڌي حق جو واعدو سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين اڪائين سان آل انڊيا مسلم ليگ طرفان پاڪستان سان الحاق ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ وقت قبوليو  ويو هو. تقريباً آخري گهڙين ۾ بنگال پنهنجي آزاديءَ جو اظهار ڪيو هو ۽ ان  جي صوبائي ڪانگريس ۽ ليگ ٻنهي گڏجي آزاديءَ سان رهڻ جي تجويز به پيش ڪئي  هئي. جي ايم سيد ته ان طرح سنڌ لاءِ آزاد وطن ۽ آزاد قوم جي گهُرَ کڻي سملا  ويو. تقسيم ٿيل بنگال ۽ پنجاب سان هندستان جو ورهاڱو بهرحال اسان جي نصيب ۾  گونگيءَ ڇپ جيئن، جيڪو انگريز پارليامينٽ آخري گهڙيءَ ئي تجويز ڪيو- ۽  ڪانگريس ۽ ليگ جا اڳواڻ ان کي چُوڻو سمجهي چنبڙي پيا ۽ انڌ ۾ اچي انهيءَ کي  غنيمت ڄاتو ويو.(7) پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان  پوءِ، رويي ۽ مقصد جي نوعيت جا اختلاف وڏيءَ اڪثريت واري پنجاب کان سواءِ  صوبن ۾ ظاهر ٿي پيا، ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌنداويا. اهو جهڳڙو ڪيئي سال  جاري رهيو ۽ ملڪ جي انتظامي ۽ پارلياماني معاملن ۾ وڏا وڏا لوڏا ايندا  رهيا.۽ پوءِ انهن جي نتيجي ۾ ملڪ ٽُٽي به ويو ۽ اوڀر پاڪستان هميشه لاءِ الڳ ٿي ويو.  ٻه وڏيون ”مسلم“ رياستون جيڪي دراصل مسلم ليگ جي مارچ 1940ع  واري رزوليوشن ۾ رٿيون ويون هيون، ۽ حقيقي وفاقي جوڙجڪ واريءَ واحد رياست  جي مساوي ايڪن سان به ملڪ کي ٽڪرا ٿيڻ کان بچي پئي سگهيو، پر اولهه  پاڪستان، ڊاڪٽر سر محمد اقبال جو خوابي دنيا جو ڳانڍاپو، جيڪو اصل ۾ هڪ  وحداني رياست قائم ڪرڻ متعلق هو، جنهن ۾ رڳو ”اسلام جي روح جو ئي چرچو ڪافي  ٿي ٿيو“، سو سبق سکندي ۽ سيکاريندي ناڪام ٿي
ويو، ۽ حسد ۽ آمريت وارو رويو  کڻي واحد اڪثريت واري پنجاب جي چوڌرائپ ننڍن ٽن يونٽن مٿان مڙهڻ خاطر، ان  جي عددي برتريءَ ۽ گرفت ذريعي جا کيس سول ۽ فوجي اسٽئبلشمينٽ مٿان حاصل  هئي، جيڪا کين پنهنجن اڳين آقائن وٽان سچ پچ ته انعام ٿيل ئي هئي، اڃا به  اڳتي وڌندي وئي. غير برابريءَ وارن ايڪن جو ڳانڍاپو، هڪ ڌنار جي لٺ هيٺ  ”شراڪت ۽ ڀائپيءَ جي قيل و قال“، جو نتيجو ڪمزور ايڪن جي زندگيءَ کي ان تحت خالصتاً دوزخ بڻائڻ جي ئي برابر نڪتو، ۽ اُن ننڍڙن رسدار ايڪن تي مٿان  آسمان تي پرواز ڪندڙ، حريصانه نگاهه واري هڪ شڪاري پرندي کي انهن تي گهت  هڻي هڪ ٻه چنهنبون هڻڻ تي آماده ئي ٿي رکيو! پاڪستان جي گذريل ڇهن ڏهاڪن  دوران انهن رهيل ٽن ايڪن جِي چوٿين غالب ايڪي هٿان بلڪل اهائي صورتحال رهي آهي

اِئين سنڌ لاءِ ته خصوصاً اهو هڪ جواب طلب  سوال رهيو ته منظر تي مَهُوڙ پاڪستان جي نموداريءَ مان سنڌ ۽ سنڌ واسين کي ڪڏهن ڪهڙو لاڀ پلئه پيو آهي

!

ان تناظر ۾ جيڪي هلتون  سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻن ايڪن سان روا رکيون ويون آهن، تن جي ختم نه ٿيندڙ  ڪهاڻي ٻُڌائڻ لاءِ ڪاغذن سان ميز ڀرجي ويندي. سنڌ جي پُرامن ايڪانيت واري  سماج ۾ پاڪستان، اندران ۽ ٻاهران ماڻهن جا ڪٽڪ گهرائي، سندس قومي اڪثريت کي اڌ مئو ڪري، پنهنجي ئي ديس ۾ ان جي حڪمرانيءَ کي غير يقيني بڻايو ويو.  زبان ۽ ان جي ثقافت کي ٽئين درجي جي اهميت وارو بڻايو ويو، سندس مادري زبان  وسيلي واريءَ تعليم کي نست ۽ ناڪاره ڪيو ويو. پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ سندن  عوام کي غربت جي کڏ ۾ اُڇلايو ويو. کين ڳري محصول هيٺ آندو ويو انهيءَ داٻي  سان ته مرڪز وٽان پِن جي صورت ۾ کين ملندو کانئن ورتل محصول جو بمشڪل ڇهون  حصو. سندن ئي گاديءَ واري شهر ۾ سندن نوجوانن جي ملازمت جي حق کي داءُ تي  لڳايو ويو، سندن اهم شهري مرڪزن کي انهن لاءِ پراوا علائقا بڻايو ويو،  شهزور سنڌوءَ  جي وهڪرن کي بيهاريو ويو. جنهن پٺيان مٿن نالو پيو آهي ۽  جيڪو سندن زندگيءَ جو اهم ذريعو آهي، تنهن جي باقاعده رستي روڪ ڪئي وئي.  سندن معاشي ذريعا ۽ سندن زراعت ۽ ڪل معدنيات خطرناڪ حد تائين ڌارين جي قبضي  هيٺ آهن! اهو سڀ ڪجهه ان مشڪوڪ ٻه قومي نظرئي مسلم/ هندو جي قربان گاهه جي
آڙ ۾ ڪيو ويو، ۽ واڌو غضبناڪ ڳالهه اِها ته اُن مقدمي کٽڻ کان فوري بعد  مسٽر جناح خود ان نظرئي تان ئي هٿ کڻي ويو، ۽ پنهنجي اصيلن ۾ اها صلاح ڏيڻ ۾  ويرم ئي ڪانه ڪيائين ته هو ان کي بي سود ۽ بيڪار سمجهي ترڪ ڪري ڇڏين

!

ڊاڪٽر  سر محمد اقبال جي پنجاب واري ”الحاق“ واري ڪهاڻيءَ تي وري اچون ٿا، يعني برصغير جي اُتر اولهه ۾ پاڪستان جو باقي بچيل حصو 1971ع ۾ تمطراق سان متحد  ٿيو ۽ 1973ع ۾ اُن پنهنجو آئين به بڻائي ورتو. اهو حقيقت ۾ پهريون حقيقي  آئين هو، جيڪو
”پاڪستان“ کي ڇويهن سالن کان پوءِ مليو هو. سو به رياست جي  ٻن ٽڪرن ۾ ٿيڻ کان پوءِ، جڏهن ته هندستان پنهنجي آزاديءَ کان ٻه اڍائي سال  پوءِ ئي آئين جوڙي ورتو هو. انهيءَ دوران، پاڪستان ۾ ٻه دفعا مارشل لا لاڳو  ٿيو، پهريون دفعو 1958ع ۾ ۽ ٻيو ڀيرو 1969ع ۾. ان کان پوءِ به پاڪستان ۾  ٻه دفعا مارشل لا لاڳو ٿيو آهي، 1977ع ۾ ٻارهن سالن لاءِ ۽ 1999ع ۾، جيڪو  بنهه ويجهڙ لٿو آهي

سڀ کان اهم سوال هيءُ آهي ته  اڄ ”يوم پاڪستان“ ڪهڙي بنياد تي ملهايو پيو وڃي؟ جڏهن اهو پاڪستان، جنهن  جو، تصور 23 مارچ 1940ع واري ٺهراءُ ۾ موجود آهي، اهو عمل ۾ ئي نه اچي  سگهيو آهي ته پوءِ ان ڏينهن کي ڇو ملهايو پيو وڃي؟ ڇا پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ قومن ۽ تاريخي وطنن، جن سان انهيءَ ٺهراءُ ۾ آزادي ۽ خودمختياريءَ جو  واعدو ڪيل هو، ۽ جيڪي اڄ سوڌو انهيءَ واعدي جي پوري نه ٿيڻ سبب غلاميءَ کي  پوريءَ شدت سان محسوس ڪن ٿا، کي اهو ياد ڏياريو پيو وڃي ته اوهان جي مٿي تي هٿ ڦيري، اوهان کي ڪيئن نه بيوقوف بڻايو ويو؟! هيءُ ”يوم پاڪستان“ يا ملڪ  ٺاهيندڙ آئيني اڪاين کي سندن سادگي ياد ڏيارڻ جو ڏينهن آهي! 23 مارچ 1940ع واري رٿ کي بيناد بڻائي، يوم پاڪستان ملهائڻُ، هن ملڪ ۾ هڪ خاص مراعت يافتا طبقي لاءِ خوشيءَ جو ڏينهن ٿِي سگهي ٿو، جو انهن ڏاڍ ۽ جبر  وسيلي، اهو ڪجهه ماڻيو، جيڪو سندن ذهنن ۾ موجود هو ۽ جنهن جو اظهار ملڪ جي  قيام تائين انهن ڪنهن به نه ڪيو، پر ملڪ ۾ شامل قومن ۽ تاريخي وطنن لاءِ ته اڄوڪو ڏينهن ڪنهن سوڳ کان گهٽ نه آهي، هيءُ اهو ئي ڏينهن آهي، جڏهن آل  انڊيا مسلم ليگ، گڏيل هندستان ۾ مسلم اقليتن جي حقن ۽ مفادن جي آڙ ۾، مسلم  اڪثريتي علائقن جي حمايت وسيلي، انگريز سرڪار کان الڳ وطن جي گهر ڪئي. مسلم  اڪثريتي علائقن جي حمايت  ۽ مدد کان سواءِ انگريز سرڪار هندستان ۾ مسلمان  اقليتن لاءِ الڳ وطن کي ڪنهن به خاطر ۾ آڻي ها، انهيءَ ڪري مسلم ليگ اهو  ضروري سمجهيو ته مسلم اڪثريتي علائقن جي سياسي حمايت ۽ مدد ماڻڻ لاءِ کين  اهو يقين ڏياريو وڃي ته اهي  هندستان ۾ هوندا ته انهن مٿان هندو راڄ مڙهيل  رهندو ۽ اهي هندو اڪثريت واري ملڪ ۾ پنهنجا قانوني ۽ جائز حق حاصل نه ڪري  سگهندا. جڏهن ته انهيءَ سان گڏ مسلم ليگ مسلم اڪثريتي علائقن کي اهو به  يقين ٿي ڏياريو ته جيڪڏهن اهي هندستان جي مسلم اقليتن لاءِ الڳ وطن جي گهر  ڪندا ۽ جڏهن انهيءَ ملڪ جو قيام عمل ۾ آيو ته کين مڪمل آزادي ۽ خودمختياري  حاصل رهندي، جيڪا کين گڏيل هندستان جي ”هندو راڄ“ ۾ ڪنهن به طرح نصيب نه ٿي  سگهندي

مسٽر جناح ۽ مسلم ليگ جي انهيءَ زماني جي  قيادت هندستان جي مسلم اڪثريت علائقن کي اهڙا خواب پئي ڏيکاريا، جو  مسلمانن کي لڳو پئي ته اهي جيڪڏهن مسلمان اقليتن لاءِ گڏيل هندستان ۾ الڳ  وطن جي گهر ڪندا ته هر لحاظ کان فائدي ۾ ويندا، انهن جي ذهن ۾
اها سوچ هئي  ته پاڪستان انهن لاءِ ”سونو هار“ ثابت ٿيندو، پر اڳتي هلي اهو، ”سورن جو  سڳڙو“ ثابت ٿيو، جڏهن 1940ع واري ٺهراءُ کي مسٽر جناح ”ماضيءَ جو قصو“ قرار ڏنو ۽ چيو ته ڪي ماڻحو اڃا تائين انهيءَ ٺهراءُ کي چنبڙيا پيا آهن، جيڪو  محض
انگريزن کان الڳ ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ گهڙيو ويو هو. مسٽر جناح پاڻ پنهنجن  تقريرن ۾ اهو امتراف ڪري چڪو آهي ته 23 مارچ وارو ٺهراءُ هڪ پاليسيءَ هيٺ  انگريز سرڪار اڳيان پيش ڪيو ويو ۽ ان جي پاڪستان جي قيام کان پوءِ ڪابه  حيثيت نه رهي هئي. ٻين لفظن ۾ مسٽر جناح اها ڳالهه چئي رهيو هو ته سڀئي  صوبائي نوعيت جا خيال ڇڏي، اهو قبول ڪن ته اهي پاڪستاني آهن، ”اسلام“ سندن  مذهب آهي ۽ ”اردو“ سندن ٻولي آهي. جناح صاحب انهيءَ ڳالهه کي ورهاڱي  کانپوءِ ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن جي هڪ ميڙ کي خطاب ڪندي ورجايو، انهيءَ  ڏينهن پاڪستان جي ٽٽڻ جو بنياد پيو.  جيڪڏهن واقعي به 23 مارچ 1940ع جي  ٺهراءُ جي متن ۽ مفهوم کي سمجهڻو آهي ۽ ان جي بنياد تي هن ملڪ کي هلائڻو، آهي ته پوءِ ان لاءِ هيٺين نقطن جو عمل ۾ اچڻ بنهه لازمي آهي

1

.  صوبن کي ”آزاد“ ۽ ”خود مختيار“ رياستن طور تسليم ڪيو ويندو. صوبا پنهنجي
مرضيءَ سان وفاق ۾ رهندا ۽ پنهنجي حاڪميت جا جزوي حق رضا خوشيءَ سان  ڪنفيڊريشن جي
آئين ۾ مرڪز کي سونپيندا

2

ڪنفيڊريشن کي رياستون جيڪي اختيار سونپينديون، سي هيٺين کاتن تائين محدود هوندا:
(الف) بچاءُ.
(ب) پرڏيهي اُمور.
(ج) ڪرنسي.
(د) بين الرياست ۽ بين القومي ابلاغ، بشمول مواصلات.
(ر) معاشي سهڪار ۽ شين جي بين الرياست چُرپُر، بشمول محصول لاڳو ڪرڻ ۽ رياستن ۾
ٿيندڙ جهڳڙن جو نبيرو.
(ز) ڪنفيڊرل مجلس قانون ساز جون چونڊون

3

ڪنفيڊريشن جو سربراهه واري واري سان رياستن مان ٿيندو رهندو، ۽ اُهو  رياستن ۽
ڪنفيڊرل مجلس قانون ساز جي گڏيل اجلاس ۾ چونڊيو ويندو

4
رياستن ۽ ڪنفيڊرل مجلس قانون ساز جون چونڊون بالغ حقِ انتخاب تحت ٿينديون, رياستن کي ڪنفيڊرل مجلس قانون ساز ۾ مساوي نمائندگي هوندي

5

ڪنفيڊريشن جي حاڪم طرفان ڪنفيڊرل اختياريءَ جو استعمال گڏيل مفادن واري, ڪائونسل (ڪئبينيٽ) وسيلي ڪيو ويندو. ان ڪائونسل کي رياستن طرفان برابريءَ  واري نمائندگي هوندي

6

محصول لڳائڻ جا اختيار رياستن وٽ هوندا
7

مسلح افواج ۽ غير فوجي محڪمن کي هلائڻ لاءِ ۽ انهن جا فرض پورا ڪرڻ ۾، ڪنفيڊريشن فنڊَ جو اهتمام ڪندي، جنهن لاءِ رياستون متفقه فارمولي تحت  پنهنجو پنهنجو حصو ڏينديون

8

هر رياست کي پنهنجي  هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ (اپيل لاءِ آخري ڪورٽ) هوندي. هڪ
ڪنفيڊرل ڪورٽ  هوندي، جنهن کي پنهنجي اصل دائري سميت رياستن وچ ۾، رياست ۽ ڪنفيڊريشن وچ  ۾، تڪرارن جي نبيري ڪرڻ جو اختيار هوندو، ۽ ڪنفيڊرل حلقي اختيار سان لاڳاپيل معاملن ۾ اپيل جي ٻُڌڻ جو به اختيار هوندو

قومن جو وجود ۾ اچڻ ۽  ٺهڻ

اِها  دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته پاڪستان رياست جي ڄمڻ سان هڪ نئين قوم ڄائي آهي، ڄڻ  ته قومون ڪنهن جي خواهش يا فرمان سان ڄمي پون ٿيون! نه ئي ڪي حقي ۽ اعليٰ  رياستون ڪين مان ڦُٽي يا مٿان ڪٿان ڍِري پونديون آهن. ٻنهي ۾، يعني قوم ۽  رياست جي وچ ۾ هڪ رشتو ٿئي ٿو، جيڪو وڏيءَ سوچ ۽ ساڃهه وارو هوندو آهي-  هڪڙو فطري، هڏ رت وارو، ڌرتيءَ سائُو، ۽ ٻيو ڪوڙو، اوپرو ۽ زورائتو مڙهيل  هوندو آهي. هڪ ۾ قوم پنهنجي وجود سان گڏ رياست کي وجود ڏيندي آهي ۽ اُن کي  اَڏيندي آهي، جيڪا قوم جو ڀرجهلو ۽ سلامتيءَ جي ضامن هوندي آهي، ۽ ٻي جيڪا  قوم تي چَٽي ۽ مٿس ڇِپَ جيئن ڪِريل هوندي آهي ۽ اُها اُن کي چپيندي ۽ اُن  جو هڏ رت چٻاڙيندي ۽ چُوسيندي رهندي آهي. فتح ڪيل يا جهانسي ۾ آيل قومن  مٿان اِن ٻئي قسم جون رياستون قابض هونديون آهن. قوم انساني اجتماع جو بنهه  هڪ انوکو ۽ صدين کان اُسريل، تاريخ جو پچي پڪو ٿيل لقاءُ هجي ٿي، جنهن کي  پائدار ۽ سجاڳ وطن ۽ بي بدل ٻولي ۽ اُن جو بي مثل ادب هوندو آهي. پهرينءَ حالت ۾، رياست قوم کي پنهنجو کيڏوڻو ۽ هٿيار بلڪه هڪ ٻانهُن ٻڌو زرخريد  غلام سمجهندي آهي، ۽ ٻيءَ حالت ۾ قومَ، رياست کي پنهنجو چئيوانُ ۽ وفادار  خادم سمجهندي ۽ ليکيندي آهي

ibrahimjoyo@yahoo.com

 23 مارچ، 2011

اپريل 11, 2017 at 11:03 pm پنهنجو رايو ڏيو

Older Posts


طبقا

  • Blogroll

  • Feeds