منهنجي يادگيرين مان ڪجھ ورق: مير ٿيٻو

فيبروري 8, 2011 at 2:12 am 2 comments


سنڌيڪار: عبدالمجيد ويسر

مير ٿيٻو

آئون انگريز راڄ واري اڻ ورهايل هندستان ۾، الله جي نالي ۾ قائم ٿيل ملڪ، پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان 6 مهينا اڳ، دادو ضلعي جي هڪ ڳوٺ گھاڙي ۾ هڪ ننڍي زميندار ۽ سنڌي ليکڪا بادام ناتوان جي گھر ۾ ڄائس. مون شروعاتي تعليم شڪارپور ۾ ورتي ۽ پوليٽيڪل سائنس ۾  ماسٽرس سنڌ يونيورسٽي مان ڪيم. آئون ڪو ليکڪ نه آهيان پر مون کي اها سوکڙي ڪي قدر پنهنجي ماءُ کان ورثي ۾ ملي ۽ مون ڪلاسيڪي ادب جو به گھڻو مطالعو ڪيو جنهن ۾ دوستووسڪي، ٽالسٽائي، فرانز ڪافڪا، وڪٽر هيوگو، روسو، بالزاڪ، هرمن هيس، سارتر، ڪامو، ورجينيا وولف، هيمنگوئي ۽ ڪي ٻيا ليکڪ شامل آهن. جيتوڻيڪ اهي ليکڪ ڪنهن کي انقلابي نٿا بڻائين پر اهي اوهان کي سٺو انسان، رومانيت پسند، سٺو احساس ۽ جذبو رکندڙ ۽ اهڙو انسان بڻائين ٿا جيڪو جنگين جو مخالف هجي يا جنهن کي پنهنجي ساٿي انسان ذات جي ڏکن ۽ پيڙا جو احساس هجي

اهي منهنجي زميندار پيءَ جا پنهنجي ليکڪا زال سان لاڳيتو جھيڙا جهٽا هئا جن مونکي انقلابي نظرين ڏانهن ڌڪيو. آئون کاٻي ڌر سان واسطو رکندڙ اهڙو شخص بڻجي ويس جنهن ۾ ڪي قدر قوم پرستي جو جذبو به هو. ان شروعاتي دور ۾ آئون باقائدي کاٻي ڌر جي جمهوري تحريڪ ۾ شامل ٿي ويس. مون کي ٽي ڀيرا جيل اماڻيو ويو ۽ سرسري شنوائي وارين فوجي ڪورٽن سزا به ڏني. اصل ۾ مون لکڻ، ڌاڙيلن هٿان ڀنگ لاءِ پنهنجي اغوا کانپوءِ شروع ڪيو. انهن جي قبضي مان آزاد ٿيڻ کانپوء مون باندي هجڻ واري وقت جي ڪٺنائن بابت لکيو. اهو تمام مقبول ٿيو. انکانپوء مون ٻين موضوعن تي به لکڻ شروع ڪيو

 

مشهور سنڌي ليکڪا بادام ناتوان

مون بعد ۾ سياست ڇڏي ڏني ۽ هڪ آزاد شخص بڻجي ويس. آئون پڙهڻ، لکڻ، موسيقي ٻڌڻ، دوستن سان گڏ پيئڻ ۽ ڪجھ گپ شپ ڪرڻ کي پسند ڪيان ٿو. آئون خانه بدوشي واري آواره گرد ۽ آزاد زندگي  ۽ روايتي زندگي کان مختلف طرز زندگي  کي پسند ڪيان ٿو جيتوڻيڪ هتي آمريڪا ۾ آئون گذران لاءِ ڪم ڪيان ٿو پر آءُ بي گھر ۽ هتي جي هپي ماڻهن کي پسند ڪيان ٿو. آئون سنڌ سان تمام گھڻو پيار ڪيان ٿو پر پنهنجي زندگي جي قيمت  تي نه. آئون آمريڪا جي ڌرتي کي به پسند ڪيان ٿو. هي هڪ صاف ۽ سهڻو ملڪ آهي، جنهن مون کي بهتر زندگي گذارڻ جو موقعو ڏنو آهي

مضمونن جو هي سلسلو ائين شروع ٿيو جو هن سال 16 جنوري تي هيوسٽن، ٽيڪسس ۾ جي ايم سيد جي سالگره ملهائڻ لاء هڪ ميڙاڪو رکيل هو. مون کي به ان ۾ شرڪت جي دعوت هئي پر ڇنڇر جو ڏينهن ڪم تي گھڻو مصروف هوندو آهي ۽ ان ڏينهن آئون موڪل نه پئي ڪري سگھيس. انڪري ان پروگرام ۾ شامل ته نه ٿي سگھيس البته ان ڏينهن جي مناسبت سان 15 جنوري تي فيسبوڪ تي جي ايم سيد جي باري ۾ ڪجھ لکيم. ڪجھ دوستن کي اهو وڻيو ۽ مونکي همٿايائون ته جي ايم سيد تي ڪجھ وڌيڪ لکان. ائين پهريان مون فيسبوڪ تي ڪجھ لکيو ۽ هاڻي انٽر نيٽ تي انگريزي ۽ سنڌيء ۾ شايع ٿيندڙ اخباري بلاگ، انڊس هيرلڊ لاء لکي رهيو آهيان. اڳتي هلي آئون جي ايم سيد کانسواء ڪجھ ٻين شخصيتن تي ۽ 1960 کان 1990 واري عرصي جي ڪن اهم واقعن تي به لکندس ۽ انهن تي پنهنجا ويچار به توهان سان ونڊيندس

آئون جي ايم سيد کي پسند ڪيان ٿو پر سندس جنوني پوئلڳن کي نه ڇاڪاڻ ته جيڪڏنهن اوهين انهن سان ڪو نالي ماتر ٿورو به اختلاف ڪندو ته اهي اوهان کي سيد ۽ سنڌ جو دشمن ڪري ليکيندا. مون وٽ جي ايم سيد ۽ سندس سياست جو ڪجھ يادون آهن جن ۾ آئون اوهان کي ڀاڱي ڀائيوار ڪندس

سنڌ جو مشهور سياستدان جي ايم سيد

سنڌ جو مشهور سياستدان جي ايم سيد

وڪي پيڊيا موجب جي ايم سيد هڪ اهڙو سياسي اڳواڻ هو جنهن پاڪستان کان سنڌ جي آجپي لاءِ جيئي سنڌ تحريڪ جو بنياد رکيو. هو جديد سنڌي قوم پرستي جو پايو وجھندڙن مان هڪ ليکيو وڃي ٿو. 1930 ۾ هن سنڌ هاري ڪميٽي جو بنياد رکيو جنهن جي اڳواڻي بعد ۾ حيدر بخش جتوئي ڪئي

آئون اهو مڃان ٿو ته آئون نه ئي باقائدي ليکڪ آهيان ۽ نه ئي ڳالهين کي سهڻن اکرن ۾ بيان ڪرڻ جي مهارت ٿو رکان. اصل ۾ اهو ئي نٿو ڄاڻان ته شروعات ڪٿان ڪجي. بس ائين ڪندس ته انهن سالن بابت جيڪي ڪجھ ياد ايندو ويندو اهو لکندو ويندس. توهان انڊس هيرلڊ تي پنهنجا رايا ضرور ڏيندا رهندا ته جينئن منهنجي رهنمائي ٿئي

منهنجو يادون 1960 تائين پٺتي وڃن ٿيون. ان سڄي ڏهاڪي ۾ ملڪ جنرل ايوب خان جي آمريت جي ڏاڍ جو شڪار رهيو. سمورين سياسي سرگرمين تي بندش هئي ۽ اخبارن کي سينسر ڪيو ويندو هو. ان وقت مڪمل طور تي ماٺ ڇانيل هئي. پارٽِي (ڪميونسٽ پارٽي) سياسي خاموشي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جي ايم سيد سان رابطو ڪيو. ان وقت هو پارٽي جو دوست هو. ٻنهي جي وچ ۾ اعتماد موجود هو

جنرل ايوب خان 1958 ۾ حڪومت تي قبضو ڪيو

جنرل ايوب خان 1958 ۾ حڪومت تي قبضو ڪيو

جي ايم سيد ۽ پارٽِي بزم صوفيائي سنڌ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جيڪا بظاهر ته غير سياسي تنظيم هئي پر ان ۾ گھڻي ڀاڱي سياسي ڪارڪن شامل هئا. تنظيم جي پهرين گڏجاڻي حيدرآباد سنڌ جي بيسنت هال ۾ ٿي. محمد ابراهيم جويو ۽ شيخ اياز به ان ۾ شريڪ ٿيا. گڏجاڻي ۾ جي ايم سيد سان گڏ ٻيا ڪي سيد به موجود هئا. پارٽي جي هڪ ڪارڪن ان معاملي تي جي ايم سيد تي تنقيد ڪئي ۽ الزام لڳايو ته هو ماڻهن کي وري سيدن ۽ زميندارن ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي. سيد پنهنجي ڪاوڙ لاءِ مشهور آهي پر هو ٺاپر ۾ رهيو ۽ ڪامريڊ کي تمام قرب ۽ پيار سان سمجھايائين ته  بزم ڪو سياسي پليٽ فارم ڪونهي. مون کيس ڏکي صورتحال کي سهڻي نموني منهن ڏيندڙ طور ڏٺو

سياسي سرگرمين ۾ ڪي قدر نرمي کانپوءِ جڏنهن ايوب خان جو خوف ڪجھ گھٽجي ويو ته سنڌ جا ڪيترا سياستدان جي ايم سيد سان گڏجي ويا ۽ قوم پرستي جو لاڙو وڌي ويو. انهن ڏينهن ۾ جي ايم سيد پنهنجي ڳوٺ سن ۾ هڪ وڏي ڪانفرنس ڪوٺائي. ان ڪانفرنس ۾ سياسي ڪارڪنن، سرگرم شاگردن، هارين، ليکڪن، شاعرن ۽ دانشورن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. انهن ۾ شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ محمد ابراهيم جويو به شامل هئا. ڪيترائي وڏيرا ۽ جاگيردار به ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا

جاري ……..

بيسنت هال، حيدرآباد، سنڌ. هي هال 1901 ۾ مس ايني ووڊ بيسنت جي نالي ۾ ٺهرايو ويو. هوء پنهنجي وقت جي مشهور ٿيوسافسٽ، عورتن جي حقن جي علمبردار، ليکڪا ۽ مقرر هئي

Advertisements

Entry filed under: مير ٿيٻو.

سنڌ جي ڊائري پاڪستان ۾ ناانصافيون: وفاقي ملازمتن جا ڇرڪائيندڙ انگ اکر

2 رايا Add your own

  • 1. Haider Bhurgri Islamabad  |  اپريل 7, 2011 at 8:18 am

    Mir’s ramblings arouse sentimental nostalgic feelings among people like me. I appreciate his efforts to impressively articulate the events without being marked by his bias or prejudice that he may have being highly polarized. I wish he continues it but would really like him to reflect upon conspirational mechnations at work then to sabotage the left movement – the failings in terms of outreach, access to the working class, weak strategies and limiting their discussions over planning and approach while sitting in urban restuarants etc that may have caused the decline! Some comparisan with ndian left movements and its success …… etc etc
    Haider Bhurgri Islamabad
    PS: I had been trying post my comment on Mir’s original writing latest episode on English Version of Indus Herald but there seems to be some technical problem hindering the posting to be added

    وراڻيو
  • 2. Vishnu Jairamani  |  آڪٽوبر 29, 2011 at 1:37 pm

    thanks Mir Sahb…..no one had dared to say so for “I love Sindh very much but not at the cost of my life”. anyone can have different opinion abt it but i like your openness. …and you have tried to show good and negative aspects both abt d/f people…
    as your memoirs are dispersed in different episodes which make difficult to catch up…you might consider writing your own blog..and can compile all writings there..you might write on all aspects of life not only politics…but certainly you are free to decide on what to write…keep it up..

    وراڻيو

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو /  تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو /  تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو /  تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو /  تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري

Trackback this post  |  Subscribe to the comments via RSS Feed


مورخيو

فيبروري 2011
سومر اڱار اربع خميس جمعو ڇنڇر آچر
« جنوري   مارچ »
 123456
78910111213
14151617181920
21222324252627
28  

Most Recent Posts


%d bloggers like this: