Posts filed under ‘ممتاز مهر’

ثقافتي گھٽ ۽ موجوده معاشرو: ممتاز مهر

چاليهه سال اڳ ڪراچيءَ جو جيڪو لبرل ماحول هوندو هو، ان جو هاڻي تصور به نه ٿو ڪري سگھجي. ان جي جھلڪ مون پنهنجي هڪ ڪهاڻي ”جڏهن مان چوهٺ جو هوندس“ ۾ ڏني آهي. ان زماني ۾ سڄي منهن تي نقاب پائيندڙ عورتون نظر نه اينديون هيون. هاڻي ته پوڙهيون عورتون به اکين کي ڇڏي باقي سڄو منهن ۽ مٿو ڍڪي هلنديون آهن. ڄڻ ته متان ڪنهن جي مٿن نظر نه لڳي وڃي. سال 1958ع ۾ مون لاهور جي مال روڊ تي جوان حسينائن کي بنا رئي جي سائيڪل هلائيندي ڏٺو هو. هاڻي اُتان جو ماحول به ڪراچيءَ جھڙوئي آهي. جڏهن ته ڪراچي ملٽي ڪلچرل ڪاسموپوليٽن ميگا سٽي آهي. پر هاڻي ڏيڍ صديءَ کان ڪراچي ۾ رهندڙ گواکئين ۽ ڪرسچن عورتون به اسڪرٽ پائڻ جي بدران پورو مسلماني لباس پائڻ لڳيون آهن، سواءِ نقاب پائڻ جي

موجوده دهشتگردي ۽ بمن جي ڌماڪن واري ماحول ۾ جڏهن مذهبي فرقا پرستيءَ منفي سياسي رنگ پڻ اختيار ڪيو آهي. ان صورتحال کي ڏسي ڪن لبرل حلقن طرفان اهو مطالبو ڪيو پيو وڃي ته جھڙي نموني بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي موجب اُتان جي آئين (Constitution) مان مذهب کي سرڪاري حيثيت ڏيڻ واري فقري کي ڪڍي آئين جي پهرين واري سيڪيولر حيثيت بحال ڪئي پيئي وڃي، پاڪستان جي آئين مان پڻ مذهب کي سرڪاري حيثيت ڏيڻ وارو فقرو ڪڍي آئين کي سيڪيولربڻايو وڃي. جنهن متعلق جناح صاحب پڻ ملڪ ٺهڻ وقت چٽو اظهار ڪيو هيو ته ”مذهب هر ڪنهن شخص جو ذاتي عقيدو هوندو رياست مذهبي معاملن ۾  غير جانبدار هوندي“. سيڪيولرزم جو مطلب به اهو آهي ته رياستي قانون ۾ ڪوبه اهڙو مت ڀيد نه رکيو ويندو جنهن سان مذهبي معاملن  ۾ جانبداري يا تعصب وارن لاڙن کي هٿي ملي .سيڪيولرزم جو مطلب لاديني، لادينيت ناهي. جيئن ڪي بنياد پرست مولوي اُن کي اها معنٰي ڏينداآهن. مسلمان ملڪن ۾ ترڪي پهريون ملڪ آهي جنهن ۾ سيڪيولرزم کي آئيني ۽ قانوني حيثيت ڏني وئي. جڏهن ته عقيدي جي لحاظ کان نوي سيڪڙو کان به وڌيڪ ترڪ مسلمان ۽ سني مسلڪ جا آهن. ڪمال اتاترڪ جي اڳواڻيءَ ۾ ترڪيءَ ۾ جيڪو سياسي نظام قائم ٿيو اهو مغربي سيڪيولر طرز جو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ترڪ سماج زرعي سماج مان بدلجي صنعتي ۽ جديد سماج بڻجي ويو.جيتوڻيڪ آئين ۾ فوج جي سياسي ڪردار جي دخل سبب اُتي اڃا مغرب جي معيار واري جھموريت فروغ پائي نه سگھي آهي

سنڌ ۽ پنجاب ۾ صوفي مت جي عوامي سطح تي مقبوليت ۽ اثر سبب گھڻي حد تائين عوام اڃا مائيت ۽ مذهبي ۽ بنياد پرستي جي اثر کان بچيل رهيو آهي پر ملڪي سطح تي خاص طرح ڊڪٽيٽر ضياءَ جي دور ۾ افغان جھاد جي نالي ۾ جيڪو طالباني عنصر وڌڻ لڳو ۽ جنهن جي حمايت ۽ مدد مذهبي سياسي جماعتون ڪرڻ لڳيون اُن جو نتيجو موجوده دور ۾ خيبر پختون خواه (سرحد صوبي) جي تباهي ۽ بربادي جي صورت ۾ ڏسي سگھجي ٿو. طالبان دهشتگردي جو دائرو اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي جھڙن شهرن تائين وڌي ويو آهي. اُن سلسلي ۾ مصيبت کي منهن ڏيڻ لاءِ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ فوجي آپريشن ضروري ٿي پيو. پر اُن مان گڏ فڪري سطح تي به سوچ ۽ ويچار ڪرڻ ۽ عوام کي روشن خيالي ڏانهن گامزن ڪرڻ جي ضرورت آهي. اُن ڏس ۾ جن عالمن ۽ دانشورن مسمانن کي مذهبي سوچ ۽ عمل ۾ اعتدال پسنديءَ جي راهه ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي تن جي خيالن ۽ ويچارن تي ٻيهر غور ڪرڻ ۽ جائزي وٺڻ جي ضرورت آهي.جديد دور ۾ جديد مغربي علمن جي فهم ۽ فڪر کي به هاءِ لائيٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي.فرقي پرستي کان آجي انسان دوستي ۽ فرد جي اظهار جي آزادي ۽ انساني حقن جو احترام

پاڪستان جي موجوده گُھٽ واري ثقافتي صوتحال تي اردوءَ ۾ گھٽ لکيو ويو آهي. اخباري ڪالمن ۾ ڪن ڪالم نگارن صرف ترقي پسنديءَ واري روايتي لفاظيءَ ۾ ڪجھه خانه پري ڪئي آهي ۽ فيمنسٽ ليکڪائن جھڙوڪ ڪشور ناهيد طرفان نخريلي ۽ صرف اسٽائلش طرز جي ٻولي ۾ ڪجھه گوهر افشاني، ٻيو مڙئي خير. سوويت يونين جي ڊهڻ تي واويلا ڪندڙ ۽ مجاوري ڪندڙ ڪن نام نهاد ترقي پسند دانشورن جو اهو بيان به حيرت کان وڌيڪ کل جھڙ و آهي ته جيڪڏهن سوويت يونين نه ڊهي ها ته اڄ اسان جي هن خطي جي اهڙي حالت نه هجي ها، نڪي آمريڪا دنيا جو واحد سپر پاور بڻجي دنيا تي ڪاهي نه پوي ها. پر ياد رهي ته سوويت يونين افغانستان جھڙي پٺتي پيل ملڪ ۾ فوجي بغاوت ڪرائي ۽ پنهنجون فوجون اتي آڻي ردعمل ۾ مجاهدن ۽ طالبانين جي دهشتگرد ڪاروائن لاءِ جواز پيدا ڪيو. منهنجي سموري تمهيد ٻڌڻ جو مقصد اردو ۾ لکيل ارشد محمود جي ڪتاب ”ثقافتي گھٽن اور معاشره“ (جنهن کي آج پبليڪيشن ڪراچي ٻيهر ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي) کي پڙهندڙن آڏو متعارف ڪرائڻ آهي. منهنجي خيال ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ هن بيمار ملڪ ۽ بيمار سماج جو بيباڪيءَ سان جيڪو تجزيو هن ڪتاب ۾ ڪيو ويو آهي اهڙو مثال ٻئي ڪنهن به اردو ڪتاب ۾ نه ٿو ملي

هن ڪتاب جي خاص خوبي ليکڪ جو سماجياتي (Sociological) ائپروچ آهي. ليکڪ اجتماعي سماجي بيمارينءَ يا بيمارين جا اصل ڪارڻ دليلن سان بيان ڪيا آهن. پر هن ڪو واضع حل پيش ڪونه ڪيو آهي. ممڪن آهي ته ان ڪتاب جا سجاڳ پڙهندڙ پاڻ حل ڳولهي وٺن.بهرحال سوچڻ واچارڻ ۽ ڪوشش ڪرڻ سان ڪو نه ڪو علاج ته معلوم ٿي ويندو ۽ اُن کي آزمايو به ويندو.اُن ڏس ۾ عطائي دانشورن کان هوشيار رهڻ گھرجي جيڪي اڳواٽ ٺهيل ٺڪيل فارمولائي نسخن ڏيڻ جا عادي هوندا آهن. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ارشد محمود اهڙو ڪوبه ٺهيل ٺڪيل فارمولائي نسخو ڪونه ڏنو آهي. بلڪه پڙهندڙن کي پاڻ سوچڻ ۽ حل ڳولهڻ لاءِ اتساهيو ۽ همٿايو آهي

”خوبصورتي ۽ خوشيءَ جو مطالبو“ واري عنوان سان هو ڪتاب جي ديباچي ۾ لکي ٿو،اسان پنهنجي موحول، انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ کي ايتري حد تائين جامد، خشڪ، بور، بي مزي، حسن ۽ لطف کان عاري ڪري رکيو آهي جو حيوان جي حيثيت ۾ جن جبلي خوشين تي اسان جو حق ٿي سگھيو ٿي اهو چئي ته اسان حيوان ناهيون انسان آهيون. انهن  کان پاڻ کي محروم ڪري ڇڏيو آهي ۽ انسان هجڻ جي ناتي جن خوشين تي اسان جو حق ٿي ٿي سگھيو انهن کي اهو چئي رد ڪري ڇڏي ته اسان انسان نه پر مسلمان آهيون اهو آهي اسان جو ثقافتي الميو. اسان جو شمار نه حيوانن ۾ آهي نه انسانن ۾ ثقافت کي حيوانيت ۽ انسانيت جي دائري ۾ رهندي  پرورش پائڻي هئي پر ائين ڪونه ٿيو، نتيجو هيءَ آهي ته اسان اجتماعي طور تي حسن جي احساس ۽ خوشين جي لذت کان نه رڳو واقف ڪونه آهيون بلڪه انهن جا ويري بڻجي ويا آهيون. هاڻي سنجيدگيءَ جو ماريل، اونداهي پسند، جمالياتي حسن کان محروم ماڻهن جو هجوم نئين عالمي تهذيب سان پنهنجي ثقافتي سياسي ۽ معاشي دشمنيءَ ۾ اِضافو ڪندو پيو وڃي بربادي ۽ موت جي علامتن سان پنهنجي شاهراهن کي سينگارڻ ۾ فخر محسوس ڪندو آهي. هٿ ٺوڪيل اخلاقيات ۽ پرهيزگاري جي جنون ۾ موت جا آثار گھٽ ۽ بي لذتي ايتري قدر پيدا ڪري ڇڏي آهي جو ان ماحول جي اندر زندگي ۽ دنيا کي خوبصورت بنائڻ يا ان کي ترقي ڏيارڻ جو جذبو يا زندگي ڪٿي به نظر نه ٿي اچي.  هڪ طرف اسان جي طاقت ۽ ايليٽ  (Elite) حاڪم طبقو آهي جيڪو حيواني ۽ انساني سطح جي سڀني جبلي لذتن جا مزا ماڻيو ويٺو آهي انهيءَ طبقي اخلاقيات ۽ پرهيزگاري جا سمورا سبق عام ماڻهوءَ لاءِ رکي ڇڏيا آهن.جيئن عوام جي حصي جون خوشيون پڻ سندس قبضي ۾ رهن .ٻئي طرف ڪوڙين ماڻهن جو هجوم آهي جنهن جو مقدر جهالت ۽ غربت آهي ۽ اهو مقدر ان طاقتور طبقي جو لکيل آهي .عام ماڻهو خوبصورتي ۽ لذتن جي باري ۾ سوچي به نه ٿا سگھن .ڪنهن به سوسائٽي جي سموري تڙڦ جدوجھد ۽ اميد جي لاٽ فقط وچولو طبقو (پڙهيل ڳڙهيل )هوندو آهي.اهو ڪهڙو انسان آهي جنهن کي پنهنجي لاءِ پنهنجي ايندڙ پيڙهين لاءِ خوبصورتي ۽ خوشيون گھربل ناهن؟جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ اسان کي پنهنجي مٿان کان مسخ ٿيل انسان جو چوغو لاهي ڦٽو ڪرڻ گھرجي ۽ خوبصورت بڻجڻ ،ماحول کي خوبصورت ڪرڻ ۽ هر هڪ کي پنهنجي نموني خوش رهڻ جي حق جو مطالبو ڪرڻ گھرجي. ”جيڪڏهن ان ڦورو طبقي جي مزاحمت نه ڪنداسين جيڪو ثواب ۽ نيڪي ۽ پرهيزگاري جي نالي ۾ سڄي معاشري کي بليڪ ميل ڪندو آهي ان کي پٺتي رهڻ گھث واري خراب حياتي گزارڻ تي مجبور ڪندو آهي ته پوءِ اسان جي هن وطن ۾ تهذيب جا باقي بچيل آثار به ختم ٿي ويندا .“

اپريل 22, 2011 at 8:13 am پنهنجو رايو ڏيو


مورخيو

مَي 2024
سومر اڱار اربع خميس جمعو ڇنڇر آچر
 12345
6789101112
13141516171819
20212223242526
2728293031  

Posts by Month

Posts by Category