Posts filed under ‘نذير لغاري’

پليجو صاحب سالگره مبارڪ هجي: تحرير نذير لغاري

نالي واري صحافي ۽ روزنامه عوام جي ايڊيٽر، نذير لغاريءَ جو هي مضمون جناب رسول بخش پليجي جي 81هين سالگره تي روزنامه جنگ ۾ ڇپيو هئو. مضمون جي اهميت نظر ۾ رکندي، جناب نذير لغاريءَ جي اجازت سان هي مضمون انڊس هيرلڊ ۾ ڇپي رهيا آهيون. ايڊيٽر

رسول بخش پليجي کي اسير ٿئي ستون سال شروع ٿيو هو. ملڪ ۾ پورهيت طبقي جو سياسي رومان اڃان مايوسي جو شڪار نه ٿيو هو. عوام پنهنجي سياسي سجاڳي ۽ شعور جي سزا ڀوڳي رهيو هو. ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي ڏيڻ وارو ڦٽ عوام لاءِ ناسور بڻجي ويو هو. ايم آر ڊي جي تاريخي مزاحمت کانپوءِ سنڌ ۾ عوام دشمن قوتن جي جنگي بنيادن تي صف بندي ٿي رهي هئي. ڳجھا ادارا جديد نئو آبادياتي حڪمران آشرافيه جي نسل پرستي واري صف بندي ڪرڻ لاءِ فوجي ادارن جي تنظيمي معلومات کي استعمال ڪري رهيا هئا. ايم آر ڊي اڃان به عوامي امنگن جو مرڪز بڻيل هئي پر ايم آر ڊي ۾ موجود رياستي اسٽيبلشمينٽ جا ماڻهو ۽ همنوا ايم آر ڊي ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڏسيل لائين هلائڻ لاءِ حقيقي سياسي قوتن کي ڊڪٽيشن ڏئي رهيا هئا. سنڌي قوم پرستي جا ديوتا جنرل ضياالحق، جنرل جهانداد ۽ ٻين فوجي جنرلن کان گلدستا وصول ڪري رهيا هئا. فوجي حڪمرانن جي مقامي مخبرن جي موجودگيءَ ۾ عوام کي آزادي لاءِ سياسي لاتعلقي جو درس ڏنو پئي ويو

جناح اسپتال جي اسپيشل وارڊ ۾ سياسي قيدين کي هڪ ئي عمارت جي مختلف ڪمرن ۾ قيد ڪيو ويو هو. انهن ڏينهن ۾ رسول بخش پليجو، ڄام ساقي ۽ جمال نقوي ان اسپيشل وارڊ ۾ قيدي هئا. ڪجھ ڏينهن کانپوءِ جي ايم سيد کي به هتي آندو ويو. رسول بخش پليجي کي لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ ڪيترا سال قيد رکڻ کانپوءِ هتي آندو ويو هو. انهن ڏينهن ۾ جيل جو عملو اسير اڳواڻن جي ڪمرن ٻاهران ڪرسيون رکي بيزاري سان پهرو ڏيندو هو۽ پنجن روپين جي عيوض سياسي قيدين سان سياسي ڪارڪنن ۽ صحافين جون ملاقاتون ڪرائيندو هو

آئون ستن سالن کانپوءِ رسول بخش پليجي سان ملڻ لاءِ وڃي رهيو هئس. انهن ستن سالن ۾ دنيا ڪيترا لاها چاڙها ڏسي چڪي هئي. ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي ڏني وئي وئي هئي. افغانستان ۾ سرد جنگ جو آخري مرحلو پنهنجي انجام ڏانهن وڌي رهيو هو. ڀارت ۾ اندرا گانڌيءَ جو قتل ٿي ويو هو. عالمي سرمايه داريءَ جي انتظامي ايجنسين جي سربراهي رونالڊ ريگن ۽ مارگريٽ ٿيچر جي هٿن ۾ اچي چڪي هئي. دنيا ۾ گھڻ قومي ۽ ٽرانس نيشنل ڪمپنين جي سرمايه دارانه اقتدار لاءِ راه هموار ڪرڻ جو ڪم هلي رهيو هو. عالمگيريت جو ورلڊ آرڊر آڻڻ جي تياري مڪمل ٿي چڪي هئي ۽ مون کي انيڪ سياسي معاملن تي رسول بخش پليجي سان ڳالهيون ڪرڻيون هيون

رسول بخش گھڻو مطلعو ڪندڙ سياستدان آهي. هو عوام جي مختلف طبقن جي صف بندي ڪرڻ لاءِ تنظيمي جادوگر جو درجو رکي ٿو. هو پنهنجي مطالعي کي پنهنجي سياست ۽ سياسي عمل ۾ ڪتب آڻيندو هو. ان ملاقات ۾ هن 25 سال اڳ مون کي ٻڌايو هو ته عرب دنيا ۾ سياسي سجاڳي ڪر کڻي رهي آهي. هن اهو به ٻڌايو هو ته عرب دنيا ۾ ايندڙ 30 سالن ۾ وڏي سياسي اٿل پٿل ٿيندي. عرب عوام پنهنجن حڪمرانن خلاف رستن تي نڪري ايندو۽ ٻئي طرف عالمي سرمايه داري ۽ عالمي مقتدره جا علاقائي نسل پرست پوئلڳ ۽ طفيلي عربن جي سياسي سجاڳي جو ڦل کائڻ ۽ فائدو وٺڻ لاءِ لامارا ڏيندا ميدان ۾ اچي ويندا پر عرب دنيا برفاني ٺاپر مان ٻاهر نڪري ايندي. عرب عوام توانائيءَ جي وسيلن جو ڌنڌو ڪندڙ عالمي ڪمپنين جي هڪ هٽي لاءِ هڪ ڊپ ڏياريندڙ خواب بڻجي ويندو. عرب عوام پنهنجن وسيلن جي مالڪي واري جدوجهد ۾ عالمي سرمايه داري ۽ عالمي مقتدره سان ڊگھي محاذ آرائي ۽ ٽڪراءُ جو رستو اختيار ڪندو. اهي حيران ڪندڙ جديد گوريلا جنگي طريقن سان دنيا تي ڇانيل غير منصفاڻي عالمي نظام  خلاف پوري ڏاهپ  ۽ پوري سگھ سان ويڙهاند ڪندا. انهن کي واري واري سان پٺتي ڌڪيو ويندو. انهن کي مختلف محاذن تي مايوس ڪندڙ شڪست کي منهن ڏيڻو پوندو پر اهي هر واري ڦلهار مان هڪ ٻرندر چڻنگ وانگر ڀڀڙ ٿي ڀڙڪا کائيندڙ باه وانگر ٻاهر نڪرندا. انهن لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڏکيو مرحلو ڏکڻ ايشيا جي علاقائي نسل پرست عالمي مقتدره جي طفيلين سان مقابلو ڪرڻ هوندو. عالمي مقتدره عرب دنيا طرفان پنهنجن وسيلن تي پنهنجي مالڪي رکڻ ۽ استعمال ڪرڻ واري تحريڪ کي چيڀاٽڻ لاءِ بحري ڦورن سميت آپگھاتي حمله آورن سوڌو سمورا هٿناٽ استعمال ڪندي

ستن سالن کانپوءِ ٿيندڙ اسانجي ملاقات ۾ 25 کان 30 سال پوءِ پيش ايندڙ حالتون چانيل رهيون. مون ملڪي حالتن، تاريخ ساز ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ جي نون رخن، افغانستان ۾ وڙهي ويندڙ پراڪسي وار، ملڪ ۾ فوجي اقتدار جي مستقبل بابت ڳاله ٻوله ڪرڻ گھري ٿي پر ان جي جواب ۾ هن پنهنجن پنجن ڪتابن جو ٿيلهو مون کي ڏيندي چيو ته انهن ڪتابن کي پڙهڻ کانپوءِ هن علاقي جي سياست تي ڳاله ڪنداسين

اڄ رسول بخش پليجي جي سياسي تنظيم عوامي تحريڪ ۽ ان جون برادر تنظيمون رسول بخش پليجي جي 81 سالگره ملهائي رهيون آهن. اڄ الائجي ڇو رسول بخش پليجي جي سالگره جي موقعي تي مون کي جي ايم سيد ياد اچي رهيو آهي. مون جي ايم سيد جي سالگره وارين تقريبن ۾ به شرڪت ڪئي. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته جي ايم سيد جي 87 هين سالگره جي موقعي تي آئون ساڻس گڏ ويٺو هئس ۽ هو ڏند پيهي ڦاهي کي سرخرو ڪندڙ ذوالفقار علي ڀٽي جي روحاني ڦاهيءَ لاءِ ضد ڪري رهيو هو. انهن ڏينهن ۾ رسول بخش پليجو چئي رهيو هو ته ڀٽي پنهنجن ستن نسلن کي سرخرو ڪري ڇڏيو. اڄ رسول بخش پليجو، جي ايم سيد واري درجي کي پهچي چڪو آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ بي مثال سياسي ڏاهپ رکندڙ سياسي قوئت عوامي تحريڪ سوين ٽڪرا ٿيل دل بڻجي وئي آهي. عوامي تحريڪ ننڍين خود غرضيءَ وارين ذاتي انا جو شڪار قوتن جي تشدد جو ٻليدان بڻجي وئي آهي. بي سهارا سنڌي عوام کي ويچارو هجڻ واري احساس مان ڪڍندڙ تنظيم موقعه پرستيءَ جو شڪار ٿي وئي آهي. مون کي سياست جي شڪست سان وڏي دهشت ٿيندي آهي. خدا ڪري پاڪستان جي گھٽي گھٽي ۽ هر پاڙِي ۽ واهڻ ۾ سياسي عمل ۽ سياست زنده رهي. آئون رسول بخش پليجو کي 81 هين سالگره تي مبارڪون پيش ڪيان ٿو

سنڌيءَ ۾ ترجمو: عبدالمجيد ويسر

اپريل 8, 2011 at 7:22 pm پنهنجو رايو ڏيو


مورخيو

مَي 2024
سومر اڱار اربع خميس جمعو ڇنڇر آچر
 12345
6789101112
13141516171819
20212223242526
2728293031  

Posts by Month

Posts by Category